Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 15:32 - Muslim Sindhi Bible

32 پر اسان کي تہ انهيءَ لاءِ شادمانو ۽ خوشي ملهائڻي آهي جو تنهنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو هو سو هاڻي جيئرو ٿيو آهي، جيڪو وڃائجي ويو هو سو هاڻي لڌو آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 پر واجب هو تہ اسين شادماني ڪريون، ۽ خوشي ملهايون، ڇوتہ هيءُ تنهنجو ڀاءُ جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 پر اسان کي تہ انهيءَ لاءِ شادمانو ۽ خوشي ملهائڻي آهي جو تنهنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو هو سو هاڻي جيوت ٿيو آهي، جيڪو وڃائجي ويو هو سو هاڻي لڌو آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

32 परअ हाणे असां खे आनंद मनाएण ऐं डा॒ढो ख़ुश थ्यण खपे; छोके तुंजो हे भा मरी वयो हो परअ हाणे हे जिंदो आहे; ऐं हे गुम थी वयो हो परअ हाणे असां खे वापस मिली वयो आहे’।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 پر اسان کي تہ شادمانو ۽ خوشي ملھائڻي ھئي، ڇاڪاڻ⁠تہ تنھنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو ھو سو ھاڻي جيئرو ٿيو آھي، جيڪو وڃائجي ويو ھو سو ھاڻي لڌو آھي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 15:32
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون سان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جون ڳالهيون ڪر، تان‌تہ آءٌ خوش ٿيان توڙي جو تو مون کي دٻائي پيڙيو آهي.


هائو، جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي خوشيءَ جا گيت ڳائيندي موٽي يروشلم ۾ داخل ٿيندا. اهي هميشہ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا ملهائيندا رهندا. ڏک ۽ غم انهن جي ويجھو بہ ڪونہ ايندو.


ڏاها ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھي ٿا سگھن، هائو، سمجھہ وارا انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿا. خداوند جون راهون سنئيون سڌيون آهن، سو سچار ماڻهو انهن تي ئي هلندا رهندا، پر گنهگار ماڻهو انهن راهن تي نہ هلي سگھندا، ۽ ٿاٻڙجي ڪري پوندا.


ڇاڪاڻ تہ منهنجو هي پٽ مري ويو هو ۽ هاڻي وري جيئرو ٿيو آهي. هو گم ٿي ويو هو ۽ هاڻي وري مليو آهي.‘ پوءِ اهي خوشيون ملهائڻ لڳا.


تنهن تي پيءُ چيس تہ ’پٽ! تون تہ هميشہ مون سان گڏ آهين ۽ جيڪي منهنجو آهي سو سڀ تنهنجو ئي آهي.


پر ابنِ آدم کائيندو پيئندو ٿو رهي تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏسو، هي پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي گنهگارن جو ساٿي آهي.‘


جڏهن انهن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري غير قومن سان خدا جي ميل ميلاپ جو موقعو پيدا ٿيو، تہ پوءِ خدا جو انهن کي وري قبول ڪرڻ مئلن مان جيئرو ڪرڻ جي برابر نہ ٿيندو ڇا؟


پوءِ هيءَ لکت ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت ۾ جيڪي بہ فرمايل آهي سو انهن لاءِ فرمايل آهي جيڪي شريعت جا پابند آهن، تہ جيئن سڄي دنيا سان گڏ انهن مان بہ ڪنهن کي بهاني جي ڪا گنجائش نہ رهي، بلڪ سڄي انسانذات خدا آڏو گنهگار قرار ڏني وڃي.


بلڪل نہ. خدا هر حال ۾ سچو آهي توڙي جو هر انسان ڪوڙو هجي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اي خدا! تون هميشہ پنهنجي قولن ۾ سچو ثابت ٿيو آهين، ۽ عدالت ۾ تو فتح حاصل ڪئي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ