Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 15:20 - Muslim Sindhi Bible

20 سو هو اُٿي پنهنجي پيءُ ڏانهن روانو ٿيو. هو اڃا پري ئي هو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪهل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ هو اُٿي پيءُ وٽ آيو، پر اڃا پري ئي هو تہ پڻس ڏٺس، ۽ مٿس ڪهل اچي ويس، ۽ ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چُميائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 سو هو اُٿي پنهنجي پتا ڏانهن روانو ٿيو. هو اڃا پري ئي هو تہ کيس ڏسي سندس پتا کي مٿس ديا آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

20 “तड॒ऐं हू उथी करे पांजे पिता जे घरअ डा॒ं वञण लगो॒। अञा हू परते ही हो, त उन जे पिता संदस खे डि॒सी वरतईं। उन खे डि॒संदे ही उहो क्यासअ सां भरजी वयो ऐं डुक पाए करे संदस खे भाकुर पातईंस ऐं डा॒ढो चुमयईंस।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 سو ھو اٿي پنھنجي پيءُ ڏانھن روانو ٿيو. ھو اڃا پري ئي ھو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪھل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 15:20
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن عيسوءَ کيس گڏجڻ لاءِ وٺي ڊڪ پاتي. کيس ڀاڪر ڀري ڇاتيءَ سان لائي چميائينس ۽ ٻيئي ڄڻا روئي ويٺا.


پوءِ يوسف پنهنجي ڀاءُ بنيامين کي ڀاڪر پائي رنو ۽ بنيامين بہ کيس ڀاڪر پائي رنو.


تڏهن يوسف بہ پنهنجي گاڏي تيار ڪرائي پنهنجي پيءُ سان ملڻ لاءِ جشن ڏانهن ويو. جڏهن يوسف کيس ڏٺو تہ ڀاڪر کڻي وڌائينس ۽ ڳچ دير تائين پئي رنو.


تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ ويو ۽ جيڪي ابي‌سلوم چيو هئس سو کيس ٻڌايائين. پوءِ بادشاهہ ابي‌سلوم ڏانهن ماڻهو موڪليو تہ هو بادشاهہ وٽ آيو ۽ سندس اڳيان زمين تي جھڪي کيس تعظيم ڏنائين. تڏهن بادشاهہ ابي‌سلوم کي چميو.


جيئن تہ اي ڌڻي! تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون دائمي شفقت ۽ وفا سان ڀرپور آهين، ۽ غصي ڪرڻ ۾ ڍرو آهين،


هن ڪري جو اي منهنجا ڌڻي! تون ئي معاف ڪندڙ ۽ ڀلو آهين. جيڪي تو کي پڪارين ٿا تن تي تون دائمي شفقت ڪندڙ آهين.


سو خداوند وراڻيو تہ ”ڇا ائين ٿي سگھي ٿو تہ ڪا ماءُ پنهنجي کيرپياڪ ٻار کي وساري ڇڏي، ۽ پنهنجي پيٽان ڄڻيل ٻچي تي ترس نہ کائي؟ توڙي جو ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي وساري بہ ڇڏي، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي ڪڏهن ڪين وساريندس.


آءٌ هنن جي فطرت کان پوريءَ طرح واقف آهيان، تنهن هوندي بہ آءٌ کين بحالي عطا ڪندس، ۽ سندن رهبري ڪندس. آءٌ هنن کي ۽ سندن غمخوارن کي وري دلداري ڏيندس.


ڇا اسرائيل وارا مون کي پٽ جيان پيارا نہ آهن؟ هائو، جيئن ڪو سڪيلڌو فرزند هوندو آهي، تيئن ئي اهي مون لاءِ آهن. توڙي جو آءٌ اڪثر هنن جي خلاف ڳالهائيندو آهيان، تہ بہ هو منهنجي دل کي ويجھو آهن. بيشڪ منهنجي دل هنن لاءِ سڪي ٿي، سو آءٌ مٿن بيحد رحم ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.


۽ هاڻي انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان. مون کي پنهنجي مزدورن مان هڪڙو سمجھي بيهاريو.“‘


تڏهن پٽ چيس تہ ’اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان ۽ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان.‘


خدا جو پاڪ روح ڏيڻ جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.“


هو سڀيئي زاروزار رنا ۽ کيس ڀاڪر پائي چميائون.


پر هاڻي عيسيٰ مسيح ۾ شامل ٿيڻ ڪري اوهين جيڪي پهريائين گھڻو پري هئا، سي سندس رت جي وسيلي خدا جي ويجھو ٿي پيا آهيو.


سو اوهين جيڪي ٻڌل عهدن کان پري هئا ۽ اهي جيڪي ويجھا هئا، تن ٻنهي کي مسيح اچي ميل ميلاپ جي خوشخبري ٻڌائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ