Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 15:17 - Muslim Sindhi Bible

17 آخرڪار هن پاڻ سنڀاليو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منهنجي پيءُ جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رهن، پر آءٌ هتي بک پيو مران.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پر جڏهن هن پاڻ سنڀاليو، تڏهن چيائين تہ منهنجي پيءُ جي گهر ۾ ڪيترن نوڪرن کي ججهي ماني پيئي ملي، ۽ آئون هتي بک پيو مران!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 آخرڪار هن پاڻ سنڀاليو ۽ پنهنجي دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منهنجي پتا جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رهن، پر آءٌ هتي بک پيو مران.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

17 जड॒ऐं उन जी एड़ी हालत थी, तड॒ऐं हू होशो-हवाज़अ में आयो ऐं पांजे पाण खे चवण लगो॒, ‘के मुंजे पिता जे घरअ में सबनिन नौकरन खे ज़रूरतअ खां वधीकअ रोटी मिलंदी आहे ऐं मां हिते भुखअ प्यो तो मरां।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 آخرڪار ھن پاڻ سنڀاليو ۽ پنھنجيءَ دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منھنجي پيءُ جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رھن، پر آءٌ ھتي بک پيو مران.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 15:17
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن مون پنهنجي چال چلت تي غور ڪيو هو، تڏهن مون پنهنجي قدمن کي تنهنجي شريعت ڏانهن ڦيريو هو.


اي ڌڻي! تون اُٿي انهن کي ائين حقير ڄاڻي ڇڏ، جيئن ڪو خواب ڏسي جاڳي اٿڻ تي حقير ڄاڻي اهو وساريو ڇڏي.


هائو، هن دنيا ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي جو سڀني انسانن جي پڄاڻي هڪجهڙي ٿئي ٿي. تنهنڪري انسان جي سڄي حياتي بڇڙائيءَ ۽ چريائپ واري سوچ ۾ گذري ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي هڪجهڙي وفات ڪري وڃي مُڙدن سان ٿا ملن.


گمراهيءَ کان پوءِ اسان توبهہ ڪئي. سمجھي وٺڻ کان پوءِ اسان پنهنجي گوڏن تي هٿ هنيا. اسين شرمندا ٿياسين ۽ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيوسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي قوم شروع کان ئي ذلت کنئي هئي.‘


يروشلم جي وسندي انهن ڏينهن کي ياد پيئي ڪري، جڏهن اها خوشحال هئي. پر هاڻي اها ڏکن ۾ وڪوڙجي ويئي آهي. ان جي رهاڪن تي دشمنن قبضو ڪري کين جلاوطن ڪيو آهي. هاڻي اتي ڪوبہ ڪونهي جيڪو سندس مدد ڪري، ۽ مخالف سندس برباديءَ تي ٽهڪ ڏيئي رهيا آهن.


جيئن تہ هو سوچي سمجھي پنهنجي سڀني ڪيل گناهن کان توبهہ‌تائب ٿئي ٿو، تنهنڪري هو يقيناً جيئرو رهندو ۽ موت جي سزا نہ لوڙيندو.


هوءَ پنهنجي عاشقن جي پٺيان لڳندي، پر کين پهچي ڪين سگھندي. هائو، هوءَ انهن کي ڳوليندي رهندي پر لهي نہ سگھندن. تڏهن هوءَ چوندي تہ ’آءٌ پنهنجي پهرئين مڙس ڏانهن موٽي وينديس، ڇو تہ هاڻي جي ڀيٽ ۾ منهنجي ان وقت واري حالت بهتر هئي.‘


هو سوئرن وارو کاڌو کائي پيٽ ڀرڻ لاءِ تيار هو، پر اهو بہ ڪنهن نہ ٿي ڏنس.


هو پاتال ۾ وڃي پيو، جتي هو عذابن ۾ مبتلا هو تہ اکيون کڻي نهاريائين تہ پريان ابراهيم نظر آيس جنهن جي ڀر ۾ لعزر هو.


تنهن تي ماڻهو اهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا ۽ عيسيٰ وٽ اچي ڏسن تہ اهو ماڻهو جنهن مان ڀوت نڪري ويا هئا، سو ڪپڙا پائي پوري هوش حواس ۾ عيسيٰ جي پيرن وٽ ويٺو آهي. تڏهن انهن سڀني کي ڊپ وٺي ويو.


جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ ٿي تہ خداوند پنهنجو ملائڪ موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آهي ۽ يهودي ماڻهن جي سمورين اميدن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿس.“


جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تہ اها ڳالهہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي. سو هنن پريشان ٿي پطرس ۽ ٻين سڀني رسولن کي چيو تہ ”ڀائرؤ! اسين هاڻي ڇا ڪريون؟“


ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ