Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 15:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اڃا ڪجھہ ڏينهن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنهنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنهنجي سموري ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ اڃا گهڻا ڏينهن گذريا ئي ڪين، تہ ننڍو پٽ سڀ ڪجهہ ميڙي چونڊي ڏورانهين ملڪ جي مسافريءَ تي نڪتو، ۽ اُتي بدچالي ڪري پنهنجي ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اڃا ڪجھہ ڏينهن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنهنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنهنجي سموري ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

13 कुछ डी॒ंहन खां पो नंढे पुटअ पांजी सजी॒ मिलक्यतअ खे गड॒ कयो ऐं घरअ खां डा॒ढो परते बे॒ देश हली वयो। उते उन पांजी सजी॒ मिलक्यत बुरी आदतुन में उडा॒ए छड॒यईं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 اڃا ڪي ڏينھن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنھنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنھن ڏورانھين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنھنجي سموري ملڪيت اڏائي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 15:13
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، تو کي جيڪي بہ ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ فنا ٿيندا. هائو، جيڪي بہ تو کان ڦري بي‌وفا ٿا ٿين، تن سڀني کي تون برباد ڪري ڇڏيندين.


جيڪي ڪم ۾ سُستي ٿا ڪن، سي بربادي ڪرڻ وارن جا ڀائر آهن.


عياش ماڻهو ڪنگال ٿي ويندو، هائو، جيڪو عيش عشرت جو ڪوڏيو آهي، سو ڪڏهن بہ خوشحالي نہ ڏسندو.


عقلمند ماڻهن جي گھرن ۾ دولت وڌندي رهي ٿي، مگر بي‌وقوف ماڻهو جلدي کپايو ڇڏين.


پنهنجي وطن کان دور ماڻهو ائين آهي، جيئن ڪو پکي پنهنجي آکيري کان ڀٽڪي ويو هجي.


شريعت تي عمل ڪندڙ ٻار عقلمند ٿئي ٿو، مگر جيڪو لوفرن سان سنگت ٿو رکي، سو پنهنجي والدين جي خواريءَ جو سبب ٿو بڻجي.


جنهن کي ڏاهپ سان پيار آهي، تنهن جا والدين خوش ٿا ٿين، مگر جيڪو ڪسبياڻين سان صحبت ٿو رکي، سو پنهنجي والدين جو مال ملڪيت برباد ڪريو ڇڏي.


ياد رکو، ڪسبياڻين جي چڪر ۾ اچي ماڻهو مانيءَ جي ٽڪر جو محتاج بڻجيو پوي، جڏهن تہ ٻين ماڻهن جي زالن سان زناڪاري قيمتي حياتيون ڳڙڪايو ڇڏي.


اي گنهگار ۽ خطائن سان ڀريل قوم! اي بدڪار ۽ خراب ڪم ڪندڙ نسل! ويل آهي اوهان جي لاءِ! جو اوهان خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي. اوهان بني اسرائيل جي پاڪ معبود کي حقير ڄاتو آهي، ۽ کانئس پٺيرا ٿي ويا آهيو.


پر ڏسو، انهيءَ جي بدران اوهان خوشيون ۽ شادمانا ڪيا، ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ذبح ڪيون، ۽ هيئن چوندي گوشت کائڻ ۽ مئي پيئڻ ۾ مشغول ٿي ويا تہ ”اچو تہ کائي پي عيش ڪريون، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي شايد اسين مري وڃون.“


اوهين پيغام ٻڌائڻ جي رستي کان هٽي پري ٿيو، هائو، انهيءَ راهہ کان بلڪل هٽي وڃو. اوهان جو بني اسرائيل وارو پاڪ معبود جيڪي چوي ٿو، سو اسين ٻڌڻ نہ ٿا چاهيون.‘“


اهي سڀ هڪٻئي کي چون ٿا تہ ’اچو تہ مئي پيئون ۽ نشا ڪري مست ٿيون، سڀاڻي جو ڏينهن بہ اڄوڪي ڏينهن وانگر ٿيندو، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ بهتر ٿيندو.‘“


انهيءَ سبب جو منهنجي قوم ٻہ گناهہ ڪيا آهن: هڪ تہ هو زندگيءَ جي چشمي يعني مون کان ڦري ويا آهن، ٻيو پنهنجي لاءِ ڀڳل حوض ٺاهيا اٿائون، جن ۾ پاڻي ڪونہ ٿو ٽِڪي سگھي.“


اي هن پيڙهيءَ وارؤ! مون خداوند جي ڳالهين تي غور ڪريو. ڇا آءٌ سار سنڀال لهندي بہ اوهان بني اسرائيل لاءِ رڻ‌پٽ مثل آهيان؟ ڇا آءٌ رهنمائي ڪندي بہ اوهان لاءِ گھُگھُہ اونداهيءَ واري زمين جيان آهيان؟ تہ پوءِ اي منهنجي قوم! اوهين ائين ڇو ٿا چئو تہ ’اسان کي جيئن وڻندو تيئن ڪنداسين ۽ خداوند جي واٽ تي موٽي نہ اينداسين.‘


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهان جي ابن ڏاڏن مون وٽ ڪهڙي ڪمي ڏٺي هئي، جو هو مون کان ڦري ويا؟ هو بيڪار بتن جي پوڄا ڪري پاڻ بہ بيڪار بڻيا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! آءٌ اوهان سان ڪهڙو غلط هليو آهيان؟ مون اوهان تي ڪهڙو ٻوجھہ وڌو آهي؟ اوهين مون تي ثابت ڪريو.


جن مان ننڍي پٽ پيءُ کي چيو تہ ’اي بابا! ملڪيت مان جيڪو منهنجو حصو ٿئي ٿو سو مون کي ڏيو.‘ سو هن پنهنجي ملڪيت ٻنهي پٽن کي ورهائي ڏني.


جڏهن سڀ ڪجھہ ختم ڪري چڪو، تڏهن ان ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ هو بک مرڻ لڳو.


جڏهن تہ اوهان جو هي پٽ، جنهن ڪسبياڻين ۾ اوهان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو هاڻي آيو آهي تہ هن لاءِ ٿلهو متارو وهڙو ڪٺو اٿوَ.‘


پوءِ عيسيٰ شاگردن کي مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن شاهوڪار وٽ هڪڙو منشي هوندو هو. ڪن ماڻهن شاهوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنهنجي دولت اُڏائي ٿو.‘


عيسيٰ مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن زماني ۾ هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هوندو هو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پهريندو هو ۽ روزانو طرح طرح جا طعام کائي موجون ماڻيندو هو.


پر هاڻي عيسيٰ مسيح ۾ شامل ٿيڻ ڪري اوهين جيڪي پهريائين گھڻو پري هئا، سي سندس رت جي وسيلي خدا جي ويجھو ٿي پيا آهيو.


سو اوهين جيڪي ٻڌل عهدن کان پري هئا ۽ اهي جيڪي ويجھا هئا، تن ٻنهي کي مسيح اچي ميل ميلاپ جي خوشخبري ٻڌائي.


مطلب تہ جيڪو نقصان هو ٻين کي رسائين ٿا، تنهن جي بدلي ۾ کين نقصان رسايو ويندو. اهي کلي عام عياشي ڪندي خوش ٿا ٿين. اهي اوهان سان گڏ کائيندي پيئندي پنهنجين دغابازين سان عيش عشرت پيا ڪن. ائين اهي ماڻهو اوهان ۾ داغ ۽ عيب آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ