Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 14:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هڪ دفعي عيسيٰ سبت جي ڏينهن تي فريسين جي اڳواڻن مان هڪڙي جي گھر ماني کائڻ ويو تہ هر ڪو کيس تاڙڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو جو سبت جي ڏينهن هو فريسين جي هڪڙي سردار جي گهر ماني کائڻ ويو، ۽ هنن چتائي ويٺي نهاريس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هڪ دفعي يسوع سبت جي ڏينهن تي فريسين جي اڳواڻن مان هڪڙي جي گھر رسوئي کائڻ ويو تہ هر ڪو کيس تاڙڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

1 हिकअ सबधअ जे डी॒ंहं ते येशु कें फ़रीसी अधिकारीअ जे घर रोटी खाएण वयो; ऐं हर कोई हुन खे डा॒ढो ध्यान सां डि॒से प्यो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھڪ دفعي عيسيٰ سبت جي ڏينھن تي فريسين جي اڳواڻن مان ھڪڙي جي گھر ماني کائڻ ويو ۽ ھنن کيس چتائي چتائي پئي ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 14:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بڇڙا ماڻهو سچارن جي تاڙ ۾ رهن ٿا. هو کين قتل ڪرڻ لاءِ وجھہ ڳوليندا وتن ٿا.


جيڪي بہ منهنجي عيادت لاءِ اچن ٿا، سي رياڪاريءَ واريون ڳالهيون ٿا ڪن. هو پنهنجيءَ دل ۾ بدنيتيءَ واريون ڳالهيون رٿي ٻاهر وڃي اهي ماڻهن کي ٻڌائين ٿا.


اوهين رڳو اهو ئي ٿا چاهيو، تہ جيئن مون کي مرتبي کان ڪيرايو. سو اوهين ڪوڙ ڳالهائڻ کي پسند ٿا ڪريو. اوهين زبان سان تہ دعا ڪريو ٿا پر دل ۾ لعنت ٿا ڪريو.


انهيءَ سبب جو اهڙي قسم جا ماڻهو اها ڳالهہ ڌيان ۾ رکندا آهن تہ ڪيترو گھڻو کاڌو ويو. هو زبان سان تہ چوندا آهن تہ ”کائو، جيترو وڻيوَ کائو پيئو.“ پر هو ائين چاهيندا نہ آهن.


جڏهن تہ انسان رڍ کان گھڻو وڌيڪ قيمتي آهي، تنهنڪري سبت جي ڏينهن تي چڱو ڪم ڪرڻ جائز آهي.“


ڪي فريسي جيڪي انهيءَ تاڙ ۾ رهندا هئا تہ عيسيٰ تي ڪا تهمت هڻن، سي غور سان ڏسڻ لڳا تہ ڇا عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن شفا ڏئي ٿو.


عيسيٰ جڏهن ڳالهائي بس ڪئي تہ هڪڙي فريسيءَ اچي پاڻ سان ماني کائڻ جي دعوت ڏنس. سو هو اندر ويو ۽ دسترخوان تي ويهي ماني کائڻ لڳو.


ان گھڙيءَ سندس اڳيان هڪڙو ماڻهو بيٺو هو، جنهن جون ٽنگون ۽ ٻانهون سڄيل هيون.


ڪن فريسين عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خدا جي بادشاهي ڪڏهن ايندي؟“ هن ورنديءَ ۾ چين تہ ”خدا جي بادشاهيءَ جي اچڻ جي ڪا ظاهري نشاني نہ هوندي.


پوءِ هو عيسيٰ کي اک ۾ رکندا آيا ۽ ڪي ڪرائيدار ڇاڙتا ڇڏيائون تہ اهي سچارن وانگر بڻجي عيسيٰ کي سندس لفظن ۾ ڦاسائين، تہ جيئن پوءِ کيس رومي گورنر جي قبضي ۽ اختيار ۾ ڏين.


جيئن تہ شريعت جا ڪي عالم ۽ فريسي انهيءَ موقعي جي تاڙ ۾ رهندا هئا تہ عيسيٰ تي تهمت هڻجي، سو هو جاچڻ لڳا تہ سبت جي ڏينهن عيسيٰ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ.


نيڪديمس نالي هڪڙو فريسي هو، جيڪو يهودين جي مذهبي اڳواڻن مان هڪ هو.


پر انهن مان گملي‌ايل نالي هڪڙو فريسي، جيڪو شريعت جو عالم هو ۽ سڀني ماڻهن ۾ عزت هئس، سو ڪائونسل جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ رسولن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ