Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 12:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن بہ ماڻهو اوهان کي عبادت‌خانن ۾ يا حاڪمن ۽ اعليٰ عملدارن جي اڳيان پيش ڪن، تڏهن ڳڻتي نہ ڪجو تہ ’ڪيئن ۽ ڪهڙو جواب ڏيون‘ يا ’ڇا چئون،‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ جڏهن اُهي اوهان کي عبادتخانن، ۽ حاڪمن، ۽ اختياريءَ وارن اڳيان کڙو ڪن، تڏهن متان فڪر ڪيو اٿوَ، تہ ڪيئن يا ڪهڙي وراڻي ڏيون، يا ڇا چئون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 جڏهن بہ ماڻهو اوهان کي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ يا حاڪمن ۽ اعليٰ عملدارن جي اڳيان پيش ڪن، تڏهن ڳڻتي نہ ڪجو تہ ’ڪيئن ۽ ڪهڙو جواب ڏيون‘ يا ’ڇا چئون،‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

11 “ जड॒ऐं तवां खे प्रार्थना-घरन में ऐं न्याय करण वारन ऐं अधिकारिन जे सामूं पेश कयो वञे, त इया चिंता न कजो के तवां खे कीअं ऐं केड़ो जवाब डि॒यणो आहे ऐं तवां खे छा चवणो आहे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 جڏھن اھي اوھان کي عبادت⁠خانن ۾ يا حاڪمن ۽ اعليٰ عملدارن جي اڳيان پيش ڪن، تڏھن متان ڳڻتي ڪئي اٿوَ تہ ’ڪيئن ۽ ڪھڙو جواب ڏيون‘ يا ’ڇا چئون.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 12:11
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي تون وڃ، آءٌ ڳالهائڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندس. جيڪو ڪجھہ تو کي چوڻو هوندو سو آءٌ تو کي سيکاريندس.“


ڏسو، آءٌ اوهان ڏانهن نبي، سياڻا ماڻهو ۽ عالم موڪلي رهيو آهيان. اوهين انهن مان ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ڪن کي صليب تي چاڙهيندا ۽ ڪن کي پنهنجن عبادت‌خانن ۾ چهبڪ هڻندا ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر بہ شهر سندن پيڇو ڪندا رهندا.


تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’اسين ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين؟‘ ۽ نہ پنهنجي جسم لاءِ تہ ’اسين ڇا پهرينداسين؟‘ ڇا جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ اهم نہ آهي؟


ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتيون ڪرڻ سان پنهنجي حياتيءَ جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھي ٿو؟


اوهين ڪپڙن لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ جھنگ ۾ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن.


سو اوهين ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين؟‘ يا ’ڇا پيئنداسين؟‘ يا ’ڇا پهرينداسين؟‘


سو اوهين سڀاڻي جي ڳڻتي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي جو ڏينهن پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڳڻتي ڪندو. اڄ جي لاءِ اڄ جو ڏک ئي ڪافي آهي.“


پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنهنجي جسم لاءِ تہ ’ڇا پهرينداسين،‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ