Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 11:26 - Muslim Sindhi Bible

26 تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ پوءِ سندس حالت اڳي کان بہ وڌيڪ بدتر ٿي پوي ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 تڏهن هو وڃي پاڻ کان بہ خراب ست ٻيا ڀوت پاڻ سان وٺي ٿو اچي؛ ۽ اُهي اندر گهڙي اُتي رهن ٿا: ۽ انهي ماڻهوءَ جي پوئين حالت پهرينءَ کان بہ خراب ٿيو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ پوءِ سندس حالت اڳي کان بہ وڌيڪ خراب ٿي پوي ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

26 तड॒ऐं उहा वञी करे पाण खां बी वधीकअ सतअ बि॒यूं बुरी दुष्‍टआत्माउन खे वठी ती अचे ऐं उहे सब उन मांणूअ में अची वास त्यूं कन, इन करे उन मांणूअ जी हालत पहेरयों खां बी वधीकअ खराब ती थी वञे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 تڏھن ھو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اھي ان ماڻھوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رھن ٿا ۽ پوءِ سندس حالت اڳي کان بہ ابتر ٿيو پوي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 11:26
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي مون خداوند کي پٺ ٿا ڏين. اُهي نہ تہ منهنجا طالبو آهن، ۽ نہ وري مون کان ڪا مدد ئي گھرن ٿا.“


تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو. اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ ان جي حالت اڳي کان بہ وڌيڪ بدتر ٿي پوي ٿي. سو هن زماني جي بڇڙن ماڻهن سان بہ ساڳي حالت ٿيندي.“


مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي دين تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏهن هو دين ۾ اچي اوهان جو مريد ٿئي ٿو تہ پوءِ هن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو دوزخي ٿا بڻايو.


سو جڏهن هو موٽي اچي ٿو ۽ گھر کي صاف ۽ سينگاريل ٿو ڏسي،


عيسيٰ اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ ميڙ مان هڪڙيءَ عورت وڏي واڪي چيس تہ ”ڪيڏو نہ سڀاڳو آهي اهو پيٽ جنهن ۾ اوهين رهيا ۽ اها ڇاتي جيڪا اوهان ڌاتي.“


ٿوري وقت کان پوءِ عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کي هيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آهين، سو وري گناهہ نہ ڪجانءِ، متان هن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ کي اهڙو گناهہ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ آهي تہ کيس هن لاءِ خدا کان دعا گھرڻ کپي، جيڪو کيس زندگي بخشيندو. هي انهن لاءِ آهي جيڪي اهڙا گناهہ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت نہ آهي. پر اهڙو گناهہ بہ آهي، جنهن جو نتيجو موت آهي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انهيءَ گناهہ ڪرڻ واري بابت دعا گھرڻ کپي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ