Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 11:19 - Muslim Sindhi Bible

19 جيڪڏهن آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوهان جا ماڻهو ڪنهن جي مدد سان ٿا ڪڍن؟ پوءِ تہ اهي ئي اوهان کي ڪوڙو ثابت ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 سو جي آئون بعل زبول جي مدد سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ ڀلا اوهان جا پٽ ڪنهن جي مدد سان ٿا اُنهن کي ڪڍن؟ تنهنڪري اُهي ئي اوهان جو انصاف ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 جيڪڏهن آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوهان جا ماڻهو ڪنهن جي مدد سان ٿا ڪڍن؟ پوءِ تہ اهي ئي اوهان کي ڪوڙو ثابت ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

19 अगर मां बालज़बूलअ जी मददअ सां दुष्‍टआत्माउन खे तो कढां, त पो भला तवां जा चेला केंजी मददअ सां कढंदा आइन? इन करे उहे ही तवां खे गलत ता साबित कन।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 جيڪڏھن آءٌ بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ ڀلا اوھان جا ماڻھو ڪنھن جي تہ مدد سان انھن کي ڪڍين؟ پوءِ تہ اھي ئي اوھان کي ڪوڙو ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 11:19
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خود تنهنجي پنهنجي زبان تو کي گنهگار ٿي قرار ڏئي، نڪي آءٌ. هائو، خود تنهنجيون ڳالهيون تنهنجي خلاف شاهدي ٿيون ڏين.


شاگرد لاءِ سٺو اهو آهي تہ هو پنهنجي استاد سان هر حال ۾ شامل رهي ۽ غلام لاءِ تہ پنهنجي مالڪ سان. سو جيڪڏهن گھر جي مالڪ کي ئي ڀوتن جو سردار بعل‌زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“


انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


هن چيس تہ ’اي بڇڙا نوڪر! تنهنجي ئي واتان آءٌ تو کي ڏوهاري قرار ڏيندس. جڏهن تو کي خبر بہ هئي تہ آءٌ سخت ماڻهو آهيان ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان ۽ جيڪي پوکيو ئي نہ اٿم سو پيو لڻان،


پوءِ يوحنا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اسان هڪڙي ماڻهوءَ کي اوهان جي نالي تي ڀوت ڪڍندي ڏٺو تہ اسان کيس منع ڪئي، ڇو تہ هو اسان سان گڏ اوهان جي پيروي نہ ٿو ڪري.“


تڏهن هنڌ هنڌ ڦرڻ وارا ڪي يهودي ڀوپا بہ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اهي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت هيئن چوندا هئا تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ جو واسطو ٿو ڏيان، جنهن جي پولس منادي ڪري رهيو آهي.“


پوءِ هيءَ لکت ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت ۾ جيڪي بہ فرمايل آهي سو انهن لاءِ فرمايل آهي جيڪي شريعت جا پابند آهن، تہ جيئن سڄي دنيا سان گڏ انهن مان بہ ڪنهن کي بهاني جي ڪا گنجائش نہ رهي، بلڪ سڄي انسانذات خدا آڏو گنهگار قرار ڏني وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ