Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 10:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ڪابہ شيءِ اوهان کي ايذاءُ نہ رسائيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي، تہ سپن ۽ وڇن کي لتاڙي ڇڏيو، ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ۽ ڪنهن بہ شيءِ مان اوهان کي ايذاءُ ڪڏهن ڪين رسندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي حاوي ٿي وڃو، ڪابہ شيءِ اوهان کي ايذاءُ نہ رسائيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

19 डि॒सो, मां तवां खे नांगन ऐं विछुन ऐं दुश्मनअ जे सजे॒ सामर्थअ खे कुचलण जो अधिकार डि॒नो आहे; ऐं काई बी शए तवां खे नुकसान न पहुंचाईंदी।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 ڏسو، مون اوھان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آھي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ڪابہ شيءِ اوھان کي ايذاءُ نہ رسائيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 10:19
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي پيءُ اوهان تي جيڪا ڳري پاڃاري رکي هئي، تنهن کي آءٌ اڃا بہ ڳرو ڪندس. منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، پر آءٌ اوهان کي ڪوڙن سان سزا ڏيندس.‘“


اوهين ببر شينهن ۽ ڪاريهر نانگ کي بہ پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙي وجھندا. هائو، اوهين جوان شينهن ۽ ازدها کي بہ پائمال ڪري ڇڏيندا.


ايترو امن هوندو جو کير پياڪ ٻار نانگن جي ٻرن وٽ پيا کيڏندا، ۽ ٿڃ ڇڏايل ٻار ڪاريهر جي ٻرن ۾ هٿ وجھندا، تہ بہ کين ڪو نقصان نہ پهچندو.


اي آدمزاد! تون انهن کان نہ ڊڄ، نڪي سندن ڳالهين کان ڪو خوف ڪر. جيتوڻيڪ اهي تنهنجي چوڌاري ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن وانگر آهن جو ڄڻ تہ تون وڇُن جي وچ ۾ آهين، تہ بہ تون انهن باغين جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي چهرن کان ڪو خوف کاءُ.


جيڪڏهن اهي نانگ جھليندا يا زهر پيئندا تہ بہ انهن کي ڪو نقصان نہ پهچندو. هو بيمارن کي هٿ لائيندا تہ اهي چڱا ڀلا ٿي پوندا.“


يا سندس ٻار بيضو گھريس تہ هو وِڇون ڏئيس؟


پولس هٿ ڇنڊي اها بلا باهہ ۾ اڇلائي ڇڏي ۽ کيس بلا کان ڪوبہ نقصان نہ پهتو.


تڏهن سلامتي بخشيندڙ خدا جلد ئي شيطان کي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙائي چيڀاٽي ڇڏيندو. اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.


جيڪڏهن ڪو انهن شاهدن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انهن جي وات مان باهہ نڪري سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اهو ضرور اهڙيءَ طرح ئي ماريو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ