لوقا 10:16 - Muslim Sindhi Bible16 پوءِ عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو اوهان جي ٻڌي ٿو، سو منهنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوهان کي نہ ٿو مڃي، سو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي، سو خدا کي نہ ٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 ۽ جيڪو اوهان جي ٿو ٻُڌي، سو منهنجي ٿو ٻُڌي؛ ۽ جيڪو اوهان کي نٿو مڃي، سو مون کي نٿو مڃي؛ ۽ جيڪو مون کي نٿو مڃي، سو اُنهي کي نٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible16 پوءِ يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو اوهان جي ٻڌي ٿو، سو منهنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوهان کي نہ ٿو مڃي، سو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي، سو ايشور کي نہ ٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible (India)16 येशुअ पांजे चेलन खे चयईं, “जेको तवां जी बु॒धे तो, समझो उहो मुंजी ही तो बु॒धे; ऐं जेको तवां खे ठुकराए तो, मञो उहो मुखे ही तो ठुकराए; ऐं जेको मुखे तो ठुकराए, मञो उहो मुंजे मोकलण वारे खे तो ठुकराए।” အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament16 عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جيڪو اوھان جي ٻڌي ٿو، سو ڄڻ منھنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوھان کي نہ ٿو مڃي، سو ڄڻ مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي سو ڄڻ خدا کي نہ ٿو مڃي جنھن مون کي موڪليو آھي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘