Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:64 - Muslim Sindhi Bible

64 انهيءَ دم زڪرياہ جي زبان کُلي پيئي ۽ هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

64 ۽ اُنهي دم سندس وات ۽ زبان کُلي پيا، ۽ هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

64 انهيءَ دم زڪرياہ جي زبان کُلي پيئي ۽ هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

64 ओढी॒ मलई जकरयाह जी ज़िबानअ खुली वई ऐं हू वरी गा॒लाएण लगो॒ ऐं परमेश्वरअ जी स्तुति करण लगो॒।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

64 جلد ئي ذڪريا جي زبان کلي پئي. ھو ڳالھائڻ لڳو ۽ خدا جي ساراھہ ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:64
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا ڌڻي! تون منهنجي چپن کي کول، تہ منهنجي زبان سدائين تنهنجي واکاڻ ڪري.


تنهن تي خداوند چيس تہ ”ماڻهوءَ کي وات ڪنهن ڏنو آهي؟ ماڻهوءَ کي گونگو يا ٻوڙو، انڌو يا سڄو ڪير ٿو ڪري؟ ڇا اهو آءٌ نہ ٿو ڪريان جيڪو خداوند آهيان؟


انهيءَ وقت هر ڪو ماڻهو ڳائي چوندو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اڳ تون مون کان ناراض هئين، تہ بہ هاڻي تنهنجي ڪاوڙ مون تان لهي ويئي آهي، ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


پوءِ خداوند پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي وات کي ڇهيو ۽ مون کي چيائين تہ ”مون پنهنجو فرمان تنهنجي وات ۾ وڌو آهي.


اي حزقي‌ايل! جنهن ڏينهن مصر ملڪ کي شڪست ملندي، تنهن ڏينهن آءٌ بني اسرائيل قوم کي مضبوط ڪندس ۽ هنن سان ڳالهائڻ جي تو کي طاقت عطا ڪندس. تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


پوءِ جڏهن آءٌ تو سان وري ڳالهائيندس، تڏهن تو کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا ڪندس. پوءِ تون هنن کي مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌائج. انهن مان ڪي تہ اهو ٻڌندا پر ڪي ٻڌڻ کان انڪار ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي قوم وارا آهن.“


انهيءَ ماڻهوءَ جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ شام جي وقت مون تي خداوند جي قدرت وڏي زور سان نازل ٿي هئي، جنهن جي ڪري ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن اهو ماڻهو مون وٽ آيو، تڏهن آءٌ گونگو نہ رهيو هئس. هائو، خداوند مون کي ڳالهائڻ جي طاقت وري عطا ڪري ڇڏي هئي.


جڏهن عيسيٰ انهيءَ مان ڀوت ڪڍيو تڏهن اهو گونگو ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. اهو ڏسي خلق عجب ۾ پئجي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”اسان بني اسرائيل قوم ۾ اڳي ائين ٿيندي ڪونہ ڏٺو آهي.“


پر تو منهنجي ڳالهہ تي يقين نہ ڪيو آهي جيڪا مقرر وقت تي سچي ثابت ٿيندي. ڏس، جيئن تہ تو يقين نہ ڪيو آهي تنهنڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ جيستائين اها ڳالهہ پوري نہ ٿيندي تيستائين تون ڳالهائي نہ سگھندين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ