Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:54 - Muslim Sindhi Bible

54-55 هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ٻڌل عهد پورو ڪيو آهي. هائو، ابراهيم ۽ سندس اولاد جي سار لهندي هن پنهنجي ٻانهي يعني بني اسرائيل قوم جي مدد ڪئي آهي، تہ جيئن انهن تي هميشہ رحم ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

54 هن پنهنجي ٻانهي اسرائيل جي سار لڌي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

54-55 هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ٻڌل وچن پورو ڪيو آهي. هائو، ابرهام ۽ سندس اولاد جي سار لهندي هن پنهنجي داس يعني بني اسرائيل قوم جي مدد ڪئي آهي، تہ جيئن انهن تي هميشہ ديا ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

54 हुन पांजे सेवकअ इज़राएल जी पीढ़ीअ जी सहायता कई आहे, इंय करे हुन पांजे वायदे मुजुब पांजी दया खे याद रख्यो आहे,

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

54-55 ھن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيل عھد پورو ڪيو آھي، جو ھن پنھنجي ٻانھي اسرائيل جي مدد ڪئي آھي. ھن ابراھيم ۽ سندس اولاد جي سار لڌي، تہ ھميشہ انھن تي رحم ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:54
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا انهيءَ شهر جي وچ ۾ آهي، سو ان کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو. هو سوير پرهہ ڦٽڻ سان ئي ان جي اچي مدد ڪندو.


هن بني اسرائيل جي خاطر پنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا کي ياد فرمايو آهي. هائو، دنيا جي سڀني ماڻهن ڏٺو آهي تہ اسان جي خدا ڪيئن اسان کي بچايو آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! اوهين منهنجا ٻانها آهيو، سو اهي ڳالهيون ياد رکو. هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، اوهين تہ منهنجا ٻانها آهيو، آءٌ اوهان کي ڪڏهن بہ نہ وساريندس.


ڇا اسرائيل وارا مون کي پٽ جيان پيارا نہ آهن؟ هائو، جيئن ڪو سڪيلڌو فرزند هوندو آهي، تيئن ئي اهي مون لاءِ آهن. توڙي جو آءٌ اڪثر هنن جي خلاف ڳالهائيندو آهيان، تہ بہ هو منهنجي دل کي ويجھو آهن. بيشڪ منهنجي دل هنن لاءِ سڪي ٿي، سو آءٌ مٿن بيحد رحم ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


سو مون خداوند اتي کين ڏيکاري ڏني. اي اسرائيل وارؤ! مون دائمي شفقت سان اوهان سان پيار ڪيو آهي، جيڪو هميشہ قائم وَ دائم رهندو.


تو پنهنجي قوم، جيڪي ابراهيم ۽ يعقوب جو اولاد آهن، تن جي ابن ڏاڏن سان گھڻو اڳي وفا ۽ دائمي شفقت جو واعدو فرمايو هو، تن کي هاڻي تون انهيءَ واعدي موجب وري نئين سر نوازيندين.


هن بکايلن کي سٺين شين سان ڍءُ ڪرايو آهي، ۽ شاهوڪارن کي خالي هٿين موٽائي ڇڏيو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ