لوقا 1:32 - Muslim Sindhi Bible32 هو وڏي عظمت وارو ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو. خداوند خدا هن کي سندس ڏاڏي دائود جو تخت عطا ڪندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible32 هو بزرگ ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو، ۽ خداوند خدا کيس سندس پيءُ دائود جو تخت ڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible32 هو وڏي مهانتا وارو ٿيندو ۽ مهان ايشور جو پٽ ڪري سڏبو. پرڀو پرميشور هن کي سندس ڏاڏي دائود جو تخت بخشيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible (India)32 उहो महान थींदो ऐं परमप्रधान परमेश्वरअ जो पुट चवाएजंदो; प्रभु परमेश्वर हुन खे राजा ठाईंदो जीअं हुन जे वंशजअ राजा दाऊदअ खे ठातो वईं। အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament32 ھو بزرگ ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو. خداوند خدا ھن کي سندس ڏاڏي دائود جي بادشاھي ڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“