Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:16 - Muslim Sindhi Bible

16 هو بني اسرائيل جي گھڻن ئي ماڻهن کي خداوند سندن خدا ڏانهن ڦيرائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ هو بني اسرائيل مان گهڻن کي ڦيري، خداوند سندن خدا ڏانهن آڻيندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 هو بني اسرائيل جي گھڻن ئي ماڻهن کي پرميشور سندن ايشور ڏانهن ڦيرائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

16 उहो इज़राएल जे घणन हीं मांणुन खे पांजे प्रभु परमेश्वरअ डा॒ं फेरींदो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ھو بني اسرائيل جي ڪيترن ئي ماڻھن کي خداوند جي پاسي ڏانھن ڦيريندو، جو ئي سندن خدا آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:16
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.


ڏاها ماڻهو آسمان جي نور جيان چمڪندا، جن جي ڪوشش سان گھڻا ئي سچائيءَ جي پاسي آيا هوندا. اهي ڏاها ماڻهو هميشہ هميشہ لاءِ تارن وانگر پيا چمڪندا.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجو هڪ پيغمبر موڪلڻ وارو آهيان، جيڪو منهنجي لاءِ راهہ تيار ڪندو. اهو پيغمبر جنهن جي اوهان کي آرزو آهي، سو اچي اوهان کي مون سان ٻڌل عهد ياد ڏياريندو. پوءِ آءٌ خداوند جنهن جي اوهين عبادت ڪريو ٿا، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندس.“


ان جو سبب هي آهي تہ يحيٰ جيڪو اوهان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو هو، تنهن تي اوهان يقين نہ ڪيو، جڏهن تہ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ ڪسبياڻين هن تي يقين ڪيو انهيءَ رستي تي آيا. اهو سڀ ڏسڻ کان پوءِ بہ اوهان نہ پڇتايو جو مٿس يقين ڪريو ها.“


هاڻ اي منهنجا ٻچا يحيٰ! تون خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين، ۽ خداوند جي اڳيان اڳيان هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين،


سو هو اردن درياءَ جي آس‌پاس واري سڄي علائقي ۾ ويو ۽ ماڻهن ۾ منادي ڪرڻ لڳو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ اوهان کي پنهنجن گناهن جي معافي ملي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ