Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 9:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن موسيٰ چين تہ ”هي آهي اهو ڪم جنهن جي ڪرڻ جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوو اوهان تي ظاهر ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ موسيٰ چيو، تہ جنهن ڪم ڪرڻ جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي سو هي آهي: ۽ خداوند جو جلال اوهان تي ظاهر ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 9:6
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هارون بني اسرائيل قوم کي ائين چئي رهيو هو، تڏهن انهن بيابان ڏانهن نظر ڪئي تہ اوچتو ڪڪر ۾ کين خداوند جو جلوو ڏسڻ ۾ آيو.


خداوند جو جلال سينا جبل تي اچي لٿو ۽ ڪڪر انهيءَ کي ڇهن ڏينهن تائين ڍڪي رکيو. آخر ستين ڏينهن خداوند ڪڪر جي اندران موسيٰ کي سڏيو.


اُتي آءٌ بني اسرائيل سان ملاقات ڪندس ۽ اهو خيمو منهنجي جلوي سان پاڪ ٿي ويندو.


جيئن ئي مون نهاريو تہ مون کي بني اسرائيل جي خدا جو جلوو اوڀر طرف کان ايندو نظر آيو. خدا جي اچڻ جو آواز سمنڊ جي گجگوڙ جيان ٻڌڻ ۾ آيو. ڌرتي سندس جلوي جي تجليءَ سان چمڪڻ لڳي.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون خدا سان ملاقات واري خيمي اندر ويا ۽ جڏهن ٻاهر نڪري آيا تہ ماڻهن کي دعا ڪيائون. تڏهن خداوند جو جلوو سڀني ماڻهن کي ڏسڻ ۾ آيو.


سو اهي موسيٰ جي حڪم موجب، سڀ ڪجھہ ساڻ ڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڳيان آيا ۽ سڄي قوم ويجھو اچي خداوند جي حضور ۾ بيٺي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ