Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 9:24 - Muslim Sindhi Bible

24 ڏسندي ئي ڏسندي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربان‌گاهہ تي جيڪا ساڙڻ واري قرباني ۽ چرٻي رکي هئي تنهن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين. جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو تڏهن حيرت وچان رڙيون ڪندي سجدي ۾ ڪري پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربانگاهہ تي جيڪا سوختني قرباني ۽ چرٻي رکيل هئي، تنهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين: ۽ جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو، تڏهن نعرا هڻي سجدو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 9:24
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن سج لهي چڪو ۽ اوندهہ ٿي، تڏهن هڪ دکندڙ تنور ۽ هڪڙي ٻرندڙ مشعل اوچتو انهن جانورن جي ٻنهي پاسي وارن ٽُڪرن وچان لنگھندي ڏسڻ ۾ آئي.


تڏهن ابرام جھڪي سجدو ڪيو ۽ خدا ساڻس هم‌ڪلام ٿي چيو تہ


۽ خداوند جي حضور ۾ دعا گھرندي چيائين تہ ”اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تون جو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن مٿان تخت تي ويٺو آهين، فقط تون ئي ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين. تون ئي زمين ۽ آسمان جو خلقيندڙ آهين.


پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائون. هن خداوند کان دعا گھري ۽ خداوند آسمان مان باهہ موڪلي کيس ورندي ڏني، جنهن اچي قربان‌گاهہ تي پيش ڪيل قربانيون ساڙي ڇڏيون.


پر مون تنهنجي لاءِ هڪڙو عاليشان گھر تعمير ڪرايو آهي، هڪ اهڙو گھر جيڪو هميشہ لاءِ تنهنجو ئي رهندو.“


هنن خداوند جي واکاڻ ۽ شڪرگذاري ڳائيندي چيو پئي تہ ”خداوند ڀلو آهي، بني اسرائيل مٿان هن جي شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن وڏي واڪي خداوند جي ثنا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ ان وقت خداوند جي گھر جو بنياد وڌو پئي ويو.


اي بني اسرائيل جا ڌنار! تون جيڪو ڌڻ وانگر اسان جي رهبري ڪرين ٿو، ۽ پردار آسماني مخلوق تي تخت‌نشين آهين، اسان جو فرياد ڪن ڏيئي ٻڌ. اسان کي پنهنجو جلال ڏيکار.


هن کي اتي اوچتو خداوند جو وجود هڪڙي ٻوڙي جي وچ مان باهہ جي شعلي وانگر نظر آيو. هن نهاري ڏٺو تہ ٻوڙي ۾ باهہ پيئي ٻري، پر تڏهن بہ ٻوڙو سڙي رک نہ ٿو ٿئي.


تڏهن اوچتو ئي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ اهي ٻئي اتي خداوند جي سامهون سڙي مري ويا.


قربان‌گاهہ تي باهہ هميشہ ٻرندي رهي ۽ اها ڪڏهن بہ نہ وسامي.


تنهن تي موسيٰ ۽ هارون انهن سڀني جي روبرو خداوند آڏو منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيا.


پر موسيٰ ۽ هارون سجدي ۾ ڪري کيس چوڻ لڳا تہ ”اي خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ جي ڪري سڄيءَ قوم تي ڪاوڙبين ڇا؟“


خداوند خدا بني يعقوب جو بادشاهہ آهي، ۽ هو ساڻن گڏ رهي ٿو. سو هو بني اسرائيل کي هر مشڪل ۽ مصيبت کان دور ٿو رکي.


عيسيٰ ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منهن ڀر ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي منهنجا بابا! جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنهن هوندي بہ منهنجي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


جڏهن اهي ساهوارا انهيءَ جي واکاڻ، عزت ۽ شڪرگذاري ڪن ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهندو،


جڏهن هن اهو ويڙهوٽو ورتو تہ اهي چارئي ساهوارا ۽ چوويهہ بزرگ انهيءَ گھيٽڙي جي پيرن تي ڪري پيا. انهن بزرگن مان هر هڪ جي هٿن ۾ هڪڙي ستارَ ۽ لوبان سان ڀريل سونو پيالو هو. اهو لوبان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جون دعائون هيون.


سڀيئي ملائڪ ان تخت، انهن بزرگن ۽ چئني ساهوارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان منهن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري


پر سندس زال چيس تہ ”جيڪڏهن خدا اسان کي مارڻ گھري ها تہ هيءَ ساڙڻ واري قرباني ۽ اناج جي قرباني اسان جي هٿان قبول نہ ڪري ها ۽ نہ هي سڀڪجھہ اسان کي ڏيکاري ها، نڪي وري هن وقت ههڙيون ڳالهيون اسان کي ٻڌائي ها.“


تڏهن خداوند جي ملائڪ انهيءَ لٺ جي چهنب سان جيڪا سندس هٿ ۾ هئي، گوشت ۽ بي‌خميري مانين کي ڇهيو. تڏهن ٽڪر مان باهہ ڀڙڪو کائي نڪتي ۽ انهيءَ گوشت ۽ بي‌خميري مانين کي ساڙي ڇڏيائين. پوءِ خداوند جو ملائڪ غائب ٿي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ