Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 8:36 - Muslim Sindhi Bible

36 سو هارون ۽ سندس پٽن سڀيئي ڪم خداوند جي حڪمن موجب ڪيا جيڪي هن موسيٰ جي معرفت ڏنا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 سو خداوند جيڪي حڪم موسيٰ جي معرفت ڏنا هئا، سي سڀ هارون ۽ سندس پٽن بجا آندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 8:36
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

موسيٰ انهيءَ سموري ڪم کي پنهنجيءَ نظر مان ڪڍيو ۽ ڏٺائين تہ هنن سڀ ڪجھہ خداوند جي حڪم مطابق ڪيو آهي، تڏهن کين دعا ڪيائين.


سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس فرمايو هو.


اوهين ستن ڏينهن ۽ ستن راتين تائين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ويٺي خداوند جي حڪم جي تعميل ڪندا رهجو، نہ تہ اوهين مري ويندا. خداوند مون کي اهڙو ئي حڪم ڏنو آهي.“


سندس مٿي تي پڳ رکيائين ۽ پڳ جي مٿان اڳئين پاسي ڪهانت جي مخصوصيت واري سوني تختي رکيائين. سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.


مخصوصيت جي ستن ڏينهن بعد اٺين ڏينهن تي موسيٰ هارون، سندس پٽن ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن کي پاڻ وٽ سڏايو.


جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، نڪي انهيءَ ۾ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو.“


جنهن بہ ڳالهہ جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان ٿو، تنهن ۾ نہ تہ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي انهن حڪمن تي عمل ڪندا رهجو جيڪي آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو.


پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ