Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 8:23 - Muslim Sindhi Bible

23 تڏهن موسيٰ انهيءَ کي ذبح ڪيو ۽ انهيءَ جو ڪجھہ رت کڻي، هارون جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 پوءِ هن انهي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ انهي جي رت مان ڪجهہ کڻي، هارون جي ساڄي ڪن جي پاپڙي تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 8:23
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن انهيءَ گھٽي کي ذبح ڪري، ان جو ڪجھہ رت کڻي، هارون ۽ سندس پٽن جي ساڄي ڪن جي پاپڙين تي، سندن ساڄي هٿ جي آڱوٺن تي ۽ سندن ساڄي پير جي آڱوٺن تي لائج. باقي سمورو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏج.


قربان‌گاهہ تي پيل رت مان ۽ مسح ڪرڻ واري تيل مان ڪجھہ کڻي هارون تي ۽ سندس خاص پوشاڪ تي ۽ ان سان گڏ سندس پٽن تي ۽ انهن جي خاص پوشاڪ تي ڇٽڪاري ڇڏج. اهڙيءَ طرح هارون پنهنجي پوشاڪ سميت ۽ ساڻس گڏ هن جا پٽ پنهنجي پنهنجي پوشاڪ سميت مخصوص ٿي ويندا.


ڪاهن انهيءَ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ مان ڪجھہ رت کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لائي.


باقي جيڪو تيل سندس هٿ جي تريءَ تي بچيل هجي تنهن مان ڪاهن ڪجھہ کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي، قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ واري رت جي مٿان لڳائي.


پوءِ هو اهو گھيٽو ذبح ڪري ۽ انهيءَ جو ڪجھہ رت کڻي پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳائي.


انهيءَ تيل مان ڪجھہ کڻي پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي، هنيل رت واري جاءِ جي مٿان لڳائي.


سو ساڙڻ واري قرباني، اناج جي قرباني، پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني، قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني، مخصوصيت جي قرباني ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ جا قاعدا اهي آهن.


تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي بدن کي اهڙي قربانيءَ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند هجي. اها ئي حقيقي عبادت آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي.


پنهنجي جسم جي عضون کي گناهہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين.


اوهان جي انساني فطرت واري ڪمزوريءَ جي ڪري آءٌ اوهان کي غلاميءَ جو هي عام رواجي مثال ڏيئي سمجھائي رهيو آهيان. جيئن اڳي اوهان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، تيئن هاڻي پاڪ ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


هي خط ڪرنٿس شهر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ پاڪ ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو خداوند آهي.


اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،


ڇاڪاڻ تہ اوهين مُلهہ ڏيئي ورتل آهيو. تنهنڪري اوهين پنهنجي بدن سان خدا جو جلوو ظاهر ڪريو.


حقيقت ۾ مون کي اميد، بلڪ پورو ڀروسو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر وڏي دليريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ آءٌ پنهنجي بدن جي وسيلي مسيح جي وڏائي ظاهر ڪندو رهندس، پوءِ توڙي جيئرو رهان يا مري وڃان.


پوءِ ڀلي اوهان جي ايمان واري خدمت جيڪا هڪ قربانيءَ مثل آهي، تنهن تي جيڪڏهن مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آهيان ۽ اوهان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان.


۽ هر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.


حقيقت ۾ خدا، جنهن جي لاءِ ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن کي اهو مناسب لڳو تہ گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کي تڪليفن جي وسيلي سندن ڇوٽڪاري جو ڪامل وسيلو بڻائي.


جيتوڻيڪ هو خدا جو فرزند هو، تڏهن بہ هن تڪليفون سهي ڪري فرمانبردار رهڻ سکيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ