تون هارون ۽ سندس پٽن کي چيلهہ سان پٽا ٻڌج ۽ ٽوپيون پارائج. اهڙيءَ طرح تون هارون ۽ سندس پٽن کي مخصوص ڪري ڇڏج، تہ جيئن کين ڪهانت جو هميشہ جي لاءِ حق حاصل ٿئي.
انهن بابت خداوند موسيٰ کي سينا جبل تي انهيءَ ڏينهن حڪم ڏنو هو جنهن ڏينهن موسيٰ سينا جي بيابان ۾ بني اسرائيل کي چيو هو تہ هو خداوند جي لاءِ پنهنجيون قربانيون پيش ڪن.