Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:32 - Muslim Sindhi Bible

32 ساڄي ران، خاص نذراني طور انهيءَ ڪاهن کي ڏني وڃي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ اوهين پنهنجيءَ سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ساڄي ران، کڻڻ واري قرباني ڪري ڪاهن کي ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کان علاوہ ڪاهن جي مخصوص ٿيڻ وقت گھٽي جو هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ جو سينو ۽ دستي، انهن ٻنهي کي خاص قربانيءَ طور ڪاهنن لاءِ مخصوص ڪيو وڃي.


بلڪ هٿن تي بلند ڪرڻ جي قربانيءَ جو سينو ۽ پيش ٿيل ران پڻ اوهين ڪنهن بہ پاڪ جاءِ ۾ کائجو. اهي تون، تنهنجا پٽ ۽ تنهنجيون ڌيئر جيڪي تو سان گڏ هجن سي کائين، ڇاڪاڻ تہ اهو تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو حق آهي، جيڪو بني اسرائيل جي سلامتيءَ وارين قربانين مان اوهان کي ڏنو ويو آهي.


جيڪو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت ۽ چرٻي پيش ڪري.


انهيءَ سبب جو مون بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان سينو هٿن تي بلند ڪري قربانيءَ طور ۽ ران خاص نذراني طور هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن. اهو هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل تي هنن جو حق رهندو.“


هارون ٻئي سينا ۽ ساڄي ران کڻي، هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيا، جيئن موسيٰ فرمايو هو.


بني اسرائيل جيڪي شيون مون لاءِ مخصوص ڪري ڪاهن وٽ آڻين، سي سڀ ڪاهن جون ٿينديون.


تنهن بعد ڪاهن انهن کي هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ بلند ڪري. اهي هٿن تي بلند ڪيل قربانيءَ واري سيني ۽ پيش ڪيل قربانيءَ جي ران سميت ڪاهن جي لاءِ پاڪ آهن. تنهن کان پوءِ ناذير کي مئي پيئڻ جي اجازت آهي.


جيڪي ماڻهو ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي قرباني ڪندا، تن مان ڪاهنن جو حق هي ٿيندو. اهي ڪاهنن کي انهيءَ جو ڪنڌو، ڄاڙي ۽ اوجھري ڏين.


تڏهن بورچيءَ ران جو عمدو ٽڪرو ۽ جيڪي انهيءَ تي هو سو کڻي، آڻي سائول جي اڳيان رکيو. سموئيل چيو تہ ”ڏس، هي اهو ٽڪرو آهي جيڪو تنهنجي لاءِ رکيو ويو هو. اهو پنهنجي اڳيان رکي کاءُ، ڇاڪاڻ تہ مون اهو هن ئي مقرر ٿيل وقت تي تنهنجي کائڻ لاءِ اڳي ئي بچائي رکيو هو، تہ جيئن تون ٻين مدعو ڪيل ماڻهن سان گڏ ويهي کائين.“ سو انهيءَ ڏينهن سائول سموئيل سان گڏجي ماني کاڌي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ