تون هارون جي مخصوصيت واري گھٽي جو سينو ڪڍي، اهو مون خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪج، انهيءَ لاءِ تہ اها هٿن تي بلند ڪرڻ واري قرباني ٿئي. اهو حصو خاص تنهنجو ٿيندو.
انهيءَ سبب جو مون بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان سينو هٿن تي بلند ڪري قربانيءَ طور ۽ ران خاص نذراني طور هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن. اهو هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل تي هنن جو حق رهندو.“
پوءِ موسيٰ گھٽي جو سينو کڻي هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو. مخصوصيت واري گھٽي مان اهو ئي موسيٰ جو حصو هو. سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تيئن ڪيائين.
انهيءَ کان سواءِ اُهي سڀ نذرانا جيڪي بني اسرائيل منهنجي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪندا سي تنهنجا ٿيندا. مون اهي تو کي، تنهنجي پٽن کي ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏنا آهن. تنهنجي گھر جو هر اُهو ڀاتي جيڪو پاڪ هجي سو ڀلي کائي.