Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:30 - Muslim Sindhi Bible

30 اهو هو پاڻ پنهنجي هٿن سان مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ طور آڻي. هو چرٻي سيني سميت کڻي اچي تہ سينو هٿن تي بلند ڪري نذراني طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 هو پاڻ پنهنجن هٿن سان خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آڻي؛ يعني چرٻي، سيني سميت کڻي اچي، تہ سينو لوڏيل قربانيءَ جي لاءِ لوڏيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:30
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي جنگ ڪرڻ واري ڏينهن تي تنهنجا ماڻهو پاڻ کي پيش ڪندا. هائو، تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان تو وٽ پيش ٿيندا. جيئن صبح جو سوير تازگي ڏيندڙ ماڪ پوي ٿي، تيئن ئي اهي نوجوان تازگيءَ واري حالت ۾ تو وٽ ايندا.


بلڪ هٿن تي بلند ڪرڻ جي قربانيءَ جو سينو ۽ پيش ٿيل ران پڻ اوهين ڪنهن بہ پاڪ جاءِ ۾ کائجو. اهي تون، تنهنجا پٽ ۽ تنهنجيون ڌيئر جيڪي تو سان گڏ هجن سي کائين، ڇاڪاڻ تہ اهو تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو حق آهي، جيڪو بني اسرائيل جي سلامتيءَ وارين قربانين مان اوهان کي ڏنو ويو آهي.


ساڙيون ويندڙ قربانين جي چرٻيءَ ساڙڻ وقت اها ران ۽ اهو سينو آندا وڃن، تہ جيئن اهي خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪرڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪيا وڃن. اهو هميشہ جي لاءِ تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو حق ٿيندو، جيئن خداوند فرمايو آهي.“


هو پنهنجي انهيءَ قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ هي شيون ساڙي پيش ڪري: آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اهي ڍڪيل آهن،


هو سلامتيءَ واري قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ هي شيون ساڙي پيش ڪري: انهيءَ جي چرٻي، سڄي دنب پٺ جي هڏي تائين جدا ڪيل، آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اهي ڍڪيل آهن،


تڏهن هن اهي سڀ شيون هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکيون ۽ کانئن هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور اهي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪرايون.


پوءِ موسيٰ گھٽي جو سينو کڻي هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو. مخصوصيت واري گھٽي مان اهو ئي موسيٰ جو حصو هو. سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تيئن ڪيائين.


هنن اهي سڀ سينن تي رکي ڇڏيا. پوءِ هارون اتان چرٻي کڻي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي.


هارون ٻئي سينا ۽ ساڄي ران کڻي، هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيا، جيئن موسيٰ فرمايو هو.


تنهن بعد ڪاهن انهن کي هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ بلند ڪري. اهي هٿن تي بلند ڪيل قربانيءَ واري سيني ۽ پيش ڪيل قربانيءَ جي ران سميت ڪاهن جي لاءِ پاڪ آهن. تنهن کان پوءِ ناذير کي مئي پيئڻ جي اجازت آهي.


هارون لاوين کي مون خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي پاران مون لاءِ مخصوص حصي طور پيش ڪري، انهيءَ لاءِ تہ هو منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿين.


منهنجي جان مون کان ڪوبہ نہ ٿو کسي، پر آءٌ اها پنهنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنهنجي جان ڏيڻ جي اختياري آهي ۽ اها وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري اٿم. هي حڪم مون کي پنهنجي پيءُ وٽان مليو آهي.“


جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.


جيڪي ماڻهو ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي قرباني ڪندا، تن مان ڪاهنن جو حق هي ٿيندو. اهي ڪاهنن کي انهيءَ جو ڪنڌو، ڄاڙي ۽ اوجھري ڏين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ