Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:25 - Muslim Sindhi Bible

25 جيڪو بہ ماڻهو ڪنهن اهڙي جانور جي چرٻي کائيندو، جو مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ طور پيش ڪيو ويو هجي، تنهن کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ڇالاءِ تہ جنهن جانور کي ماڻهو خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ طور پيش ڪن، تنهن جي چرٻي جيڪو ماڻهو کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:25
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڳتي جنهن بہ مرد جو طهر ٿيل نہ هوندو تنهن ڄڻ منهنجو عهد ٽوڙيو آهي، سو انهيءَ کي تنهنجي نسل مان خارج ڪيو وڃي.“


پوءِ تون اهي سندن هٿن مان وٺي، قربان‌گاهہ تي ساڙڻ واري قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙي ڇڏج، انهيءَ لاءِ تہ وڻندڙ خوشبوءِ مون خداوند جي آڏو هجي. اها مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني آهي.


سو بني اسرائيل جو ڪوبہ ماڻهو رت ۽ چرٻي هرگز نہ کائي. اهو اوهان سڀني لاءِ، جتي بہ اوهين رهو ٿا اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو.“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت ناپاڪيءَ جي حالت ۾ کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪ شيءِ انسان جي هجي يا جانور جي يا ٻي ڪا ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، تہ انهيءَ حالت ۾ جي هو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


جيڪو جانور پاڻيهي مري وڃي يا جنهن کي جھنگلي جانورن ڦاڙيو هجي تہ انهيءَ جي چرٻي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ ڀلي آڻجو پر کائجو اصل نہ.


ان کان سواءِ اوهين جتي بہ رهو تتي ڪنهن بہ قسم جو رت نہ کائجو پيئجو، پوءِ اهو پکيءَ جو هجي توڙي جانور جو.


سو جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو پيئندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ