Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:20 - Muslim Sindhi Bible

20 جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت ناپاڪيءَ جي حالت ۾ کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 جيڪو ماڻهو خداوند جي لاءِ چاڙهيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت ناپاڪيءَ جي حالت ۾ کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:20
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڳتي جنهن بہ مرد جو طهر ٿيل نہ هوندو تنهن ڄڻ منهنجو عهد ٽوڙيو آهي، سو انهيءَ کي تنهنجي نسل مان خارج ڪيو وڃي.“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيندو يا انهيءَ مان ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي لائيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سنگھڻ لاءِ انهيءَ جهڙو ٻيو ٺاهيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


سو اي حزقي‌ايل! تون انهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ ’اي باقي بچي ويل رهاڪؤ! اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ هي ملڪ اوهان جو آهي؟ جڏهن تہ اوهين اڃا تائين انهيءَ ملڪ ۾ رت سميت گوشت کائو ٿا، بتن جي پوڄا ٿا ڪريو ۽ خونريزي ڪندا ٿا رهو.


اوهان کي معلوم هجي تہ جيڪي بہ ماڻهو انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ ڪم ڪندا تہ انهن کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.


جيڪو بہ اهو کائيندو سو پنهنجي سر تي گناهہ کڻندو، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند لاءِ مخصوص ڪيل شيءِ جي بي‌حرمتي ڪئي آهي. اهڙي ماڻهوءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.


آءٌ پاڻ بہ انهيءَ ماڻهوءَ جو مخالف ٿيندس ۽ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجو اولاد مولڪ کي ڏيئي منهنجي مقدس خيمي کي پليت ڪيو آهي ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي‌حرمتي ڪئي اٿائين.


جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ ڏينهن پنهنجي نفس کي نہ ماريندو سو قوم مان خارج ڪيو ويندو.


جيڪو گوشت ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي لڳي سو هرگز نہ کائجي، بلڪ اهو ساڙي ڇڏجي. باقي جيڪو ٻيو گوشت آهي سو هر ڪو ماڻهو پاڪائيءَ سان ڀلي کائي.


جيڪو بہ ماڻهو ڪنهن اهڙي جانور جي چرٻي کائيندو، جو مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ طور پيش ڪيو ويو هجي، تنهن کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.


سو جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو پيئندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


جيڪڏهن ڪو ماڻهوءَ جي لاش کي ڇهي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ٿو ڪري تہ اهو مون خداوند جي مقدس خيمي کي ناپاڪ ٿو ڪري. اهو ماڻهو بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ان جي مٿان نہ ڇٽڪاريو ويو آهي، انهيءَ ڪري هو ناپاڪ ئي رهندو.


تنهنڪري پهريائين هر ڪو ماڻهو پاڻ کي خيال سان جاچي ۽ پوءِ انهيءَ مانيءَ مان کائي ۽ انهيءَ پيالي مان پيئي.


سائول انهيءَ ڏينهن ڪجھہ ڪين ڪڇيو، ڇاڪاڻ تہ هن سمجھيو تہ دائود ڪنهن سبب ناپاڪ ٿي پيو هوندو، تنهنڪري ڪونہ آيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ