Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:2 - Muslim Sindhi Bible

2 قربان‌گاهہ جي اتر پاسي جنهن جاءِ تي ساڙڻ واري قربانيءَ جو جانور ذبح ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ئي جاءِ تي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ جو جانور ذبح ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ تي چئني طرفن کان ڇٽڪاريو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 جنهن هنڌ اهي سوختني قرباني ذبح ڪندا آهن، انهي هنڌ خطا جي قرباني بہ ذبح ڪن: ۽ هو انهيءَ جو رت قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:2
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هاڻ گھڻيون ئي قومون هن کي ڏسي عجب ۾ پئجي وينديون. هن جي آڏو بادشاهہ پنهنجو وات بند ڪري ڇڏيندا، ڇاڪاڻ تہ هو اهو ڪجھہ ڏسندا، جيڪو هنن ٻڌو ئي نہ هو، هائو، هو اهو ڪجھہ ڏسندا، جيڪو هنن ڪڏهن ڄاتو ئي نہ هو.“


آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇٽڪاريندس، جنهن سان اوهين پاڪ ٿي ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني بتن کان بلڪ هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندس.


انهيءَ ڪمري ۾ چار ميزون رکيل هيون، ٻہ ڪمري جي هڪڙي پاسي ۽ ٻہ ٻئي پاسي. انهن ميزن تي قربانين لاءِ جانور ذبح ڪيا ويندا هئا، يعني ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اهي قربانيون جن جي وسيلي ماڻهن جا گناہ معاف ڪيا وڃن تہ جيئن اهي پاڪ ٿين.


انهيءَ کي هو قربان‌گاهہ جي اتر واري پاسي مون خداوند جي آڏو ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.


جيڪڏهن سندس قرباني ڍورن ڍڳن جي ساڙڻ واري قرباني هجي تہ اهو ڍور نر ۽ بي‌عيب هجي. هو انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي پيش ڪري تہ جيئن اهو منهنجي حضور ۾ قبول پوي.


پوءِ هو انهيءَ وهڙي کي اتي مون خداوند جي آڏو ذبح ڪري. هارون جا پٽ جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙو رت کڻي انهيءَ قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي، جيڪا مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ در وٽ آهي.


پوءِ هو انهيءَ گھيٽي کي انهيءَ مخصوص جاءِ ۾، جتي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ ساڙڻ واري قرباني ذبح ڪبي آهي، اتي ذبح ڪري. جهڙيءَ طرح پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ڪاهن جي آهي تهڙيءَ طرح هيءَ قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني بہ ڪاهن جي آهي. اها مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.


هو قربانيءَ واري جانور جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ انهيءَ کي ذبح ڪري. هارون جا پٽ، جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙو انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.


هو قربانيءَ واري انهيءَ جانور جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ انهيءَ کي ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.


هو انهيءَ ٻڪر جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ قربان‌گاهہ جي اتر پاسي جتي ساڙڻ واري قربانيءَ جا جانور مون خداوند جي آڏو ذبح ڪبا آهن، اتي انهيءَ کي ذبح ڪري.


هو انهيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري انهيءَ ٻڪريءَ کي قربان‌گاهہ جي اتر پاسي جتي ساڙڻ واري قربانيءَ جا جانور ذبح ڪبا آهن، اتي ذبح ڪري.


هو انهيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري انهيءَ رڍ کي قربان‌گاهہ جي اتر پاسي جتي ساڙڻ واري قربانيءَ جا جانور ذبح ڪبا آهن، اتي ذبح ڪري.


انهيءَ مخصوص شيءِ نہ ڏيڻ جو جيڪو قصور ڪيو هجائين تنهن جو عيوض ڀري ڏئي. انهيءَ ۾ پنجون حصو ٻيو وڌائي اهو سڀ ڪاهن کي ڏئي. ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ وارو اهو گھٽو هن لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


پر جيڪڏهن هن کي گھيٽيءَ يا ٻڪريءَ ڏيڻ جي طاقت نہ هجي تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ.


هو انهيءَ جي رت مان ڪجھہ قربان‌گاهہ جي پاسي تي ڇٽڪاري ۽ باقي رت قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


”هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي تہ قربان‌گاهہ جي اتر پاسي، جنهن جاءِ تي ساڙڻ واري قربانيءَ جو جانور ذبح ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ئي جاءِ تي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو جانور بہ مون خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪيو وڃي، ڇو تہ اها خاص قرباني مون لاءِ مخصوص آهي.


اهڙيءَ طرح ڪاهن سندس واسطي مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري، تہ پوءِ جنهن ڪم جي ڪرڻ ڪري هو ڏوهاري ٿيو هوندو تنهن جي هن کي معافي ملندي.“


هو وري ناذير ٿيڻ جا ڏينهن مقرر ڪري پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪري ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو هڪسالو گھيٽو آڻي. سندس اڳيان ڏينهن هاڻي وقف ٿيل ڏينهن جي حساب ۾ نہ ايندا، ڇو تہ اڳين وقف هجڻ وارن ڏينهن ۾ هو ناپاڪ ٿي پيو هو.


ايمان جي ڪري ئي هن عيد فصح قائم ڪئي، جڏهن بني اسرائيل کي حڪم ڏنائين تہ اهي قرباني ڪري رت دروازن جي ٻانهين ۽ سردرن تي ڇٽڪارين، انهيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کي هٿ نہ لائي.


اوهين نئين عهد جي وچ واري عيسيٰ وٽ ۽ سندس ڇٽڪاريل انهيءَ رت وٽ آيا آهيو، جيڪو هابيل جي وهايل رت وارين ڳالهين کان بهتر ڳالهيون ٿو ڪري.


خدا پيءُ پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ ڪيا وڃو. شل اوهان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ