17 ليڪن قربانيءَ جي گوشت مان جيڪي ٽئين ڏينهن تائين بچي، سو ساڙيو وڃي.
17 پر قربانيءَ جي گوشت مان جيڪي ٽئين ڏينهن تائين بچي، سو باهہ ۾ ساڙيو وڃي.
ٽئين ڏينهن ابراهيم پري کان اهو هنڌ ڏٺو.
انهيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ نہ بچايو وڃي. پر جيڪڏهن ڪجھہ بچي پوي تہ اهو ساڙي ڇڏجي.
ٽئين ڏينهن تائين هو تيار ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند سينا جبل تي لهي ايندس، جتي سڀيئي ماڻهو مون کي ڏسي سگھندا.
پر وهڙي جو گوشت، کل ۽ سندس اوجھہ خيميگاهہ کان ٻاهر ساڙيا وڃن، ڇاڪاڻ تہ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني آهي.
جيڪڏهن انهيءَ مخصوصيت واري گوشت يا انهيءَ مانيءَ مان ڪجھہ صبح تائين بچي پوي تہ اهو ساڙيو وڃي. اهو کائڻ ۾ نہ اچي، ڇاڪاڻ تہ اهو مخصوص آهي.
ٻن ڏينهن کان پوءِ هو اسان کي چڱو ڀلو ڪندو، ۽ ٽئين ڏينهن هو اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو، تانتہ اسين سندس آڏو زندہ رهون.
پوءِ جڏهن موسيٰ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري ٻڪر جي پڇاڳاڇا ڪئي تہ کيس معلوم ٿيو تہ اهو سڙي چڪو آهي، تڏهن هو هارون جي باقي بچيل پٽن اليعزر ۽ اتمر تي ڏاڍو ڪاوڙيو. کين سختيءَ سان چيائين تہ
جنهن ڏينهن اها قرباني ڪئي وڃي، تنهن ڏينهن يا ان جي ٻئي ڏينهن ان جو گوشت کاڌو وڃي. پر جيڪڏهن ٽئين ڏينهن تائين ڪجھہ بچي پوي تہ انهيءَ کي ساڙيو وڃي.
ٽئين ڏينهن انهيءَ مان ذرو بہ نہ کاڌو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو حرام آهي ۽ اها قرباني قبول نہ ڪئي ويندي.
پوءِ هن کي دفن ڪيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن تي کيس وري جيئرو ڪيو ويو جيئن پاڪ ڪلام ۾ فرمايل آهي.