Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اهو ماڻهو هر ڪنهن منجھان هڪڙي هڪڙي ماني کڻي هڪ خاص قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري، اها انهيءَ ڪاهن جي ٿيندي جيڪو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ انهن مان هرهڪ قربانيءَ منجهان هڪڙي هڪڙي ماني هو کڻڻ واري قربانيءَ طور خداوند جي اڳيان پيش ڪري: اها انهي ڪاهن جي ٿيندي، جو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت ڇاٽاريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:14
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو ڪاهن اها قرباني پيش ڪري ٿو سو اها مخصوص جاءِ تي يعني مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ئي کائي.


مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيل بني اسرائيل جي خاص قربانين مان مخصوص حصا آءٌ تو کي، تنهنجي پٽن کي ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏيان ٿو. اهو تو سان ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان مون خداوند جو هميشہ جي لاءِ اڻٽٽ عهد آهي.“


جنگي جوانن واري اڌ حصي مان اهي وٺي مون خداوند جي خاص نذراني طور اليعزر ڪاهن کي ڏي.


موسيٰ اليعزر ڪاهن کي اهو حصو خداوند جي خاص نذراني طور ڏنو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


يا وري بني اسرائيل تي نظر ڪريو. ڇا اهي قربانين کائڻ وارا قربان‌گاهہ جي خدمت ۾ شامل نہ آهن؟


هن کي بہ کائڻ لاءِ ٻين جيترو حصو ملندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪا رقم کيس اباڻي ملڪيت جي وڪري مان حاصل ٿئي، سا بہ ملندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ