لاوي سرشتو 7:1 - Muslim Sindhi Bible1 ”قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني، جيڪا مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي تنهن جو قاعدو هن ريت آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 ۽ خطا جي قرباني جو قاعدو هن ريت آهي: اها تمام پاڪ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيءَ اها جاءِ آهي، جتي ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين ۽ گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين جو گوشت رنڌيندا ۽ اناج جي قربانين مان مانيون پچائيندا. اها جاءِ هتي انهيءَ ڪري آهي تہ جيئن ڪابہ پاڪ شيءِ ٻاهرين اڱڻ تائين نہ کڻي وڃجي، متان انهيءَ جي ڪري عام ماڻهن تي خداوند جو غضب نازل ٿئي.“
”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند کي ڏيڻ وارين مخصوص شين ڏيڻ کان بناارادي انحرافي ڪري قصور ڪري وجھي، تہ هو پنهنجي انهيءَ قصور لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بيعيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا اوترا سڪا هجي جيترا مقرر ڪرڻ گھرجن. اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي.