لاوي سرشتو 6:26 - Muslim Sindhi Bible26 جيڪو ڪاهن اها قرباني پيش ڪري ٿو سو اها مخصوص جاءِ تي يعني مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ئي کائي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible26 جيڪو ڪاهن انهيءَ کي گناهہ جي لاءِ پيش ڪري، سو اها کائي: هو اها ڪنهن پاڪ هنڌ، جماعت واري تنبوءَ جي اڱڻ ۾ ويهي کائي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيڪل جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارا اهي ڪمرا خداوند جي خدمت لاءِ ئي مخصوص آهن. انهن ڪمرن ۾ خداوند جا چونڊيل ڪاهن قربانين جون اهي شيون کائيندا جيڪي خداوند لاءِ ئي مخصوص آهن. اناج جون قربانيون، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون بہ اتي ئي رکيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ قربانيون رڳو خداوند لاءِ مخصوص آهن.
انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيءَ اها جاءِ آهي، جتي ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين ۽ گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين جو گوشت رنڌيندا ۽ اناج جي قربانين مان مانيون پچائيندا. اها جاءِ هتي انهيءَ ڪري آهي تہ جيئن ڪابہ پاڪ شيءِ ٻاهرين اڱڻ تائين نہ کڻي وڃجي، متان انهيءَ جي ڪري عام ماڻهن تي خداوند جو غضب نازل ٿئي.“