24 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
24 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
”اوهان پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني مخصوص جاءِ ۾ وڃي کاڌي ڇو نہ؟ جڏهن تہ اها قرباني خدا لاءِ ئي مخصوص آهي. خداوند اوهان کي ان جي ادا ڪرڻ بابت انهيءَ لاءِ فرمايو آهي تہ جيئن قوم جا گناهہ کڻي، سندس حضور ۾ اهڙيءَ طرح ڪفارو ادا ڪيو وڃي.
پوءِ هو انهيءَ گھيٽي کي انهيءَ مخصوص جاءِ ۾، جتي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ ساڙڻ واري قرباني ذبح ڪبي آهي، اتي ذبح ڪري. جهڙيءَ طرح پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ڪاهن جي آهي تهڙيءَ طرح هيءَ قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني بہ ڪاهن جي آهي. اها مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.
ڪاهن جيڪا بہ اناج جي قرباني آڻي سا سموري ساڙي وڃي، اها کائڻ ۾ بلڪل نہ اچي.“
”هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي تہ قربانگاهہ جي اتر پاسي، جنهن جاءِ تي ساڙڻ واري قربانيءَ جو جانور ذبح ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ئي جاءِ تي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو جانور بہ مون خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪيو وڃي، ڇو تہ اها خاص قرباني مون لاءِ مخصوص آهي.