Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 6:22 - Muslim Sindhi Bible

22 هارون جي اولاد مان جيڪو سندس جاءِ تي سردار ڪاهن هجي سو ئي اها آڻي پيش ڪري. اهو هميشہ جي لاءِ قانون آهي تہ اها سموري قرباني مون خداوند جي لاءِ ساڙي ڇڏجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ هن جي پٽن مان جيڪو سندس جاءِ تي مسح ڪيل ڪاهن هجي سو انهيءَ کي پيش ڪري: اهو هميشہ جي لاءِ قانون آهي، تہ اها قرباني خداوند جي لاءِ سموري ساڙي ڇڏجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 6:22
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”اها منهنجي مرضي هئي تہ هو ڏک سهي، بيشڪ هن جو موت گناهن جي معافيءَ واسطي ڪفارو هو. سو هاڻ هو وڏي عمر ماڻيندو ۽ پنهنجو نسل ڏسندو. هن جي وسيلي منهنجي مرضي پوري ٿيندي.


اوهين منهنجي قوم جي گناهن تي گذران ڪريو ٿا، تنهنڪري ئي اوهين سندن بدڪاريءَ جا آرزومند ٿا رهو.


سو بني اسرائيل جو ڪوبہ ماڻهو رت ۽ چرٻي هرگز نہ کائي. اهو اوهان سڀني لاءِ، جتي بہ اوهين رهو ٿا اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو.“


هو انهيءَ ٻڪر جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ قربان‌گاهہ جي اتر پاسي جتي ساڙڻ واري قربانيءَ جا جانور مون خداوند جي آڏو ذبح ڪبا آهن، اتي انهيءَ کي ذبح ڪري.


جيڪڏهن سردار ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري وجھي، جنهن جي ڪري سڄي قوم ڏوهاري ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ هڪڙو بي‌عيب وهڙو مون خداوند جي حضور ۾ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري.


تڏهن ڪاهن پنهنجي سڻيءَ واري پوشاڪ پائي ۽ سڻيءَ جي سٿڻ بدن تي ڍڪي ۽ ساڙڻ واري قرباني جيڪا سڙي رک ٿي ويئي هجي، سا رک کڻي هو قربان‌گاهہ جي هڪڙي پاسي رکي ڇڏي.


پوءِ هو پنهنجي اها خاص پوشاڪ لاهي ٻي پائي ۽ اتان اها رک کڻي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر ڪنهن پاڪ جاءِ تي وڃي رکي.


اهو ميدو تيل ۾ ڳوهي تئي تي پچائجي. جڏهن پچي وڃي تڏهن اهو اندر آندو وڃي ۽ انهيءَ جا ڀورا ڀورا ڪري اناج جي قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ پيش ڪيو وڃي.


ڪاهن جيڪا بہ اناج جي قرباني آڻي سا سموري ساڙي وڃي، اها کائڻ ۾ بلڪل نہ اچي.“


جڏهن بني اسرائيل بني يعقان جي کوهن کان روانا ٿي موسيرہ ۾ آيا هئا، تڏهن اُتي هارون وفات ڪئي ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. سندس پٽ اليعزر سندس جاءِ تي ڪاهن طور مقرر ٿي خدمت ڪرڻ لڳو.


ان کان علاوہ هي بہ فرق آهي تہ موت لاوي ڪاهنن کي قائم رهڻ نہ ٿي ڏنو، تنهنڪري انهن مان گھڻا ئي ڪاهن مقرر ٿيندا رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ