Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 6:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اناج جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي تہ هارون جي پٽن مان ڪو ڪاهن اها قربان‌گاهہ جي سامهون مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ کاڌي جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: هارون جا پٽ اها قربانگاهہ جي سامهون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 6:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

متتياہ نالي هڪڙو لاوي جيڪو سلوم قورحيءَ جو پهريتو ٻار هو، سو نذراني جون مانيون پچائڻ تي مقرر هوندو هو.


ان جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


انهيءَ کي ٻنهي پرن کان وٺي چيري کوليو وڃي، پر کيس ڇني ڌار نہ ڪجي. پوءِ ڪاهن انهيءَ کي قربان‌گاهہ تي ٻرندڙ ڪاٺين جي مٿان رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.“


پوءِ انهيءَ جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس باقي بچيل ٻن پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ مان جيڪا اناج جي قرباني بچي آهي، سا کڻي بنا خمير جي پچائي قربان‌گاهہ جي ڀرسان وڃي کائو، ڇاڪاڻ تہ اها خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيل آهي.


قربان‌گاهہ تي باهہ هميشہ ٻرندي رهي ۽ اها ڪڏهن بہ نہ وسامي.


هو انهيءَ اناج جي قربانيءَ واري تيل گڏيل ميدي مان، قربانيءَ تي رکيل سموري لوبان سميت مٺ ڀري ڪڍي ۽ اها قربان‌گاهہ تي رکي مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ ساڙي. ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي.


تڏهن جيڪو مون خداوند جي لاءِ پنهنجي قرباني پيش ڪري سو هڪ ڪلوگرام ميدو هڪ ليٽر تيل ۾ گڏي اناج جي قربانيءَ طور آڻي.


گھٽي جي قرباني پيش ڪرڻ وقت ٻہ ڪلوگرام ميدو ڏيڍ ليٽر تيل ۾ گڏي اناج جي قربانيءَ طور پيش ڪجي


تڏهن اهو ماڻهو وهڙي سان گڏ ٽي ڪلوگرام ميدو ٻہ ليٽر تيل سان گڏي اناج جي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري


عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اهو موسيٰ نہ، پر منهنجو پيءُ آهي جنهن آسمان واري ماني اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، بلڪ هو هاڻي آسمان مان حقيقي ماني ڏئي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ