جنهن ڪمري جو رخ اتر طرف آهي سو قربانگاهہ جي خدمت ڪندڙ ڪاهنن جي لاءِ آهي. اهي سڀ ڪاهن صدوق جو اولاد آهن. لاوي قبيلي جي رڳو انهن ئي ڪاهنن کي خداوند جي حضور ۾ وڃي خدمت ڪرڻ جي اجازت آهي.
قربانگاهہ تي باهہ ٻرندي رهي ۽ اها ڪڏهن بہ نہ وسامي. هر روز صبح جو ڪاهن انهيءَ تي ڪاٺيون ٻاري، مٿس ساڙڻ واري قرباني ٺاهي رکي ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي بہ ساڙي.