Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 5:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جيڪڏهن ڪو ماڻهو قصور ڪري ڪو اهڙو ڪم ڪري وجھي جنهن لاءِ مون خداوند منع ڪئي آهي، پوءِ جيتوڻيڪ انهيءَ جي خبر نہ بہ هجيس تہ بہ هو ڏوهاري آهي ۽ گناهہ جو بار مٿس پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهہ ڪري، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند منع ڪئي آهي تن مان ڪو ڪري: ۽ جيتوڻيڪ انهي جي خبر نہ هجيس، تہ بہ هو ڏوهاري آهي، ۽ گناهہ جو بار مٿس پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 5:17
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙو ماڻهو ڪير آهي، جيڪو پنهنجيءَ ڀُل کي پروڙي سگھي؟ سو اي خداوند! تون مون کي غير ارادي قصورن کان بچاءِ.


جيڪڏهن بني اسرائيل قوم بناارادي ڪو گناهہ ڪري وجھي، جيتوڻيڪ اها ڳالهہ سندن نظر کان لڪل هجي تہ هنن هڪڙو اهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن جي ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تڏهن بہ اهي ڏوهاري قرار ڏنا ويندا.


جيڪڏهن ڪو اڳواڻ بناارادي ڪو اهڙو گناهہ ڪري ڏوهاري قرار ڌنو ويو هجي جنهن جي مون خداوند سندس خدا منع ڪئي آهي،


جيڪڏهن قوم مان ڪو ٻيو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو گناهہ ڪري ڏوهاري بڻجي وڃي جنهن جي مون خداوند منع ڪئي آهي،


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند کي ڏيڻ وارين مخصوص شين ڏيڻ کان بناارادي انحرافي ڪري قصور ڪري وجھي، تہ هو پنهنجي انهيءَ قصور لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي‌عيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا اوترا سڪا هجي جيترا مقرر ڪرڻ گھرجن. اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي.


تنهنڪري هو هڪڙو بي‌عيب گھٽو، اوتري ئي قيمت جو جيتري مقرر ڪرڻ گھرجي، قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ طور ڪاهن وٽ آڻي. ڪاهن سندس بناارادي ڪيل قصور لاءِ سندس واسطي ڪفارو ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي، ڇاڪاڻ تہ هو مون خداوند جو ڏوهاري آهي.“


پر اهو جنهن کي مالڪ جي اصولن جي خبر ڪانہ هئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. سو جنهن کي گھڻو ڏنو ويو آهي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو. هائو، جنهن کي گھڻو سونپيو ويو آهي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“


پر جيڪو ڪنهن شيءِ ۾ شڪ رکندي بہ اها کائيندو تہ اهو ڏوهاري ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ هو اها شيءِ جائز هجڻ جي اعتقاد سان نہ ٿو کائي ۽ جيڪي ڪجھہ اعتقاد سان نہ ڪيو وڃي سو گناهہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ