لاوي سرشتو 4:31 - Muslim Sindhi Bible31 پوءِ هو انهيءَ جي سموري چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر ڪڍي وٺي. ڪاهن اها قربانگاهہ تي رکي ساڙي تہ مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible31 ۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن اها قربانگاهہ تي رکي ساڙي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري هاڻي اوهين ست ڍڳا ۽ ست گھٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ اچو ۽ پنهنجي لاءِ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو. منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گھرندو تہ آءٌ انهيءَ جي دعا قبول ڪندس ۽ اوهان جي بيعقليءَ مطابق اوهان سان هلت نہ ڪندس، جيتوڻيڪ اوهان مون بابت حق جي ڳالهہ نہ ڪئي جيئن منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي.“