Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 4:28 - Muslim Sindhi Bible

28 پوءِ جڏهن کيس پنهنجو ڪيل گناهہ معلوم ٿي وڃي، تڏهن هو پنهنجي قربانيءَ واسطي هڪڙي بي‌عيب ٻڪري آڻي پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 تہ جيڪڏهن سندس ڪيل گناهہ کيس معلوم ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ٻڪري آڻي، جا بي عيب هجي، ۽ پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 4:28
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تنهنجي ۽ عورت جي وچ ۾ دشمني وجھندس. تنهنجي نسل ۽ عورت جي نسل ۾ هميشہ دشمني رهندي. عورت جو نسل تنهنجي منڍي چٿيندو ۽ تون هن جي کُڙي ڏنگيندين.“


انهيءَ سبب جو تون اسان جي خطائن کي درگذر نہ ٿو ڪرين، بلڪ اسان جي ڳجھن گناهن کي بہ پنهنجي نظر ۾ رکيو اچين.


تنهن هوندي بہ پروردگار پاڻ تو کي هڪڙي نشاني ڏيکاريندو. ڏس، هڪ ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، جنهن کي پٽ ڄمندو. هوءَ انهيءَ جو نالو ’عمانوايل‘ رکندي.


اي اوهين! جيڪي نٺر ڌيءَ مثل آهيو، ڪيستائين پيا رلندا رهندا؟ خداوند دنيا ۾ هڪڙي نئين ڳالهہ پيدا ڪئي آهي، جيڪا هن مثال جهڙي آهي جو عورت کي مرد جو محافظ بڻايو وڃي.


پوءِ جڏهن کين پنهنجي ڪيل گناهہ بابت معلوم ٿي وڃي، تڏهن سڄي قوم پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو آڻي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ پيش ڪري.


پوءِ جڏهن کيس پنهنجو ڪيل گناهہ معلوم ٿي وڃي، تڏهن هو پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو بي‌عيب ٻڪر آڻي.


جيڪڏهن سردار ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري وجھي، جنهن جي ڪري سڄي قوم ڏوهاري ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ هڪڙو بي‌عيب وهڙو مون خداوند جي حضور ۾ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري.


جيڪڏهن هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ رڍ پيش ڪري تہ اها بہ بي‌عيب هجي.


پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو هجي تنهن جي لاءِ هو مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ گھيٽي يا ٻڪري آڻي پيش ڪري، تڏهن ڪاهن سندس گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو.


جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي فرزند کي انساني يعني گنهگارن واري صورت ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي گناهن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود گناهہ جي خلاف خدا فتويٰ جاري ڪئي.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي عيسيٰ مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا عورت جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ