Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 4:20 - Muslim Sindhi Bible

20 هو هن وهڙي سان بہ ائين ئي ڪري جيئن پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري وهڙي سان ڪبو آهي. اهڙيءَ طرح هو ماڻهن جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ انهن کي معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 هو وهڙي سان ائين ئي ڪري: يعني جهڙي طرح هن گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي سان ڪيو هو، تهڙيءَ طرح هن سان بہ ڪري: ۽ ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ انهن کي معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 4:20
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻئي ڏينهن تي موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”اوهان تمام وڏو گناهہ ڪيو آهي. سو هاڻي آءٌ خداوند وٽ مٿي چڙهي ٿو وڃان، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ اوهان جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪريان.“


تنهنجي قوم بني اسرائيل ۽ تنهنجي پاڪ شهر يروشلم لاءِ ستر دفعا ستن ستن سالن جو مدو مقرر ٿيو آهي. جيئن انهيءَ عرصي ۾ منجھائن خطاڪاري ۽ گناهہ ختم ٿي وڃن، هائو، کانئن بدڪاري دور ٿي وڃي. دائمي سچائي قائم ٿئي، تان‌تہ رويا ۽ اڳڪٿي سچا ثابت ٿين ۽ هيڪل کي مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي.


هو پنهنجو هٿ انهيءَ ساڙڻ واري قربانيءَ جي مٿي تي رکي، تڏهن اها سندس لاءِ ڪفاري طور قبول ڪئي ويندي.


پر جيڪڏهن انهيءَ عورت کي گھيٽي ڏيڻ جيتري طاقت نہ هجي تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ هوءَ پاڪ ٿي ويندي.“


تريءَ تي باقي بچيل تيل هو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي ۾ وجھي ڇڏي. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.


ڪاهن انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ پيش ڪري. اهڙيءَ طرح هو انهيءَ ماڻهوءَ خاطر سندس جريان جي بيماريءَ لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.


ڪاهن انهيءَ قربانيءَ واري گھٽي سان، منهنجي حضور ۾ انهيءَ ماڻهوءَ جي گناهہ لاءِ ڪفارو ادا ڪري. تڏهن کيس پنهنجي گناهہ جي معافي ملندي.


پوءِ انهيءَ ذبح ڪيل وهڙي کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر آندو وڃي ۽ اتي هو ان کي اهڙيءَ طرح ئي ساڙي جهڙيءَ طرح پهرئين وهڙي کي ساڙيو ويندو آهي. اهڙي ئي طريقي سان قوم جي پاڪ ٿيڻ واسطي اها قرباني پيش ڪئي وڃي.


هو انهيءَ جي سموري چرٻي سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي. اهڙيءَ طرح ڪاهن انهيءَ اڳواڻ جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


هو انهيءَ جي سموري چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري گھيٽي جي چرٻيءَ وانگر ڪڍي وٺي. ڪاهن انهيءَ کي قربان‌گاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جيڪي مون خداوند جي لاءِ ساڙبيون آهن. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.“


هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري وهڙي جي هيءَ سموري چرٻي ڪڍي وٺي: آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اُهي ڍڪيل آهن،


پوءِ ٻئي پکيءَ کي هو قاعدي موجب ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪري. اهڙيءَ طرح ڪاهن سندس ڪيل گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


اهڙيءَ طرح انهن ڳالهين مان جنهن ڳالهہ ۾ هن گناهہ ڪيو هجي، تنهن لاءِ ڪاهن سندس خاطر ڪفارو ادا ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي. باقي جيڪي ڪجھہ بچي سو اناج جي قربانيءَ وانگر ڪاهن جو ٿيندو.“


انهيءَ مخصوص شيءِ نہ ڏيڻ جو جيڪو قصور ڪيو هجائين تنهن جو عيوض ڀري ڏئي. انهيءَ ۾ پنجون حصو ٻيو وڌائي اهو سڀ ڪاهن کي ڏئي. ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ وارو اهو گھٽو هن لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


تنهنڪري هو هڪڙو بي‌عيب گھٽو، اوتري ئي قيمت جو جيتري مقرر ڪرڻ گھرجي، قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ طور ڪاهن وٽ آڻي. ڪاهن سندس بناارادي ڪيل قصور لاءِ سندس واسطي ڪفارو ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو هجي تنهن جي لاءِ هو مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ گھيٽي يا ٻڪري آڻي پيش ڪري، تڏهن ڪاهن سندس گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو.


اهڙيءَ طرح ڪاهن سندس واسطي مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري، تہ پوءِ جنهن ڪم جي ڪرڻ ڪري هو ڏوهاري ٿيو هوندو تنهن جي هن کي معافي ملندي.“


تنهن بعد ڪاهن سڄيءَ قوم جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري تہ پوءِ کين معافي ملندي، ڇاڪاڻ تہ اها خطا بناارادي آهي. سو هنن کي پنهنجي خطا جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪرڻي آهي.


ڪاهن ان شخص لاءِ ڪفارو ادا ڪري جنهن بناارادي خطا ڪئي هجي، ان کان پوءِ کيس معافي ملندي.


نہ رڳو ايترو پر پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح، جنهن جي وسيلي اسان جو خدا سان ميل ميلاپ ٿيو آهي، تنهن جي معرفت اسين خدا تي فخر بہ ڪريون ٿا.


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي شريعت تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو صليب تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


اهو فرزند خدا جي جلوي جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي قدرت واري فرمان سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي گناهن کان ڌوئي پاڪ صاف ڪرڻ بعد مٿي آسمان تي عظيم خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


تنهنڪري اهو لازمي هو تہ هو پاڻ بہ هر طرح پنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ هو اهڙو سردار ڪاهن ٿئي، جيڪو رحمدل ۽ وفادار هجي ۽ ماڻهن جي گناهن جو ڪفارو ادا ڪري سگھي.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بي‌عيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن خدا پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس فرزند عيسيٰ جو رت اسان کي سڀني گناهن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


اهو ئي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قرباني آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي جهان جي گناهن جو ڪفارو پڻ.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. عيسيٰ مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي گناهن کان ڇوٽڪارو ڏنو آهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ