1 خداوند موسيٰ کي
1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
هارون مقدس ترين جاءِ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هن طرح تياري ڪري جو پاڻ سان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو گھٽو عبادتگاهہ وٽ آڻي.
سو بني اسرائيل جو ڪوبہ ماڻهو رت ۽ چرٻي هرگز نہ کائي. اهو اوهان سڀني لاءِ، جتي بہ اوهين رهو ٿا اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو.“
جيڪڏهن بني اسرائيل قوم بناارادي ڪو گناهہ ڪري وجھي، جيتوڻيڪ اها ڳالهہ سندن نظر کان لڪل هجي تہ هنن هڪڙو اهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن جي ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تڏهن بہ اهي ڏوهاري قرار ڏنا ويندا.
بني اسرائيل لاءِ هي بہ فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ سان گناهہ ڪري وجھي، جن ڪمن ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تنهن لاءِ هي حڪم آهن.
پر جنهن پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو رت مقدس جاءِ ۾ ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ آندو وڃي، تنهن جو گوشت بلڪل نہ کاڌو وڃي، بلڪ اهو ساڙيو وڃي.“
سو هارون قربانگاهہ وٽ ويو ۽ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو گابو ذبح ڪيائين.