Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 27:32 - Muslim Sindhi Bible

32 سڀني ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين منجھان هر ڏهن جانورن مان هڪڙو مون خداوند جو آهي. جڏهن جانورن جو شمار ڪيو وڃي تڏهن هر ڏهون جانور مون خداوند لاءِ مخصوص ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ ڍورن ۽ ڌڻن منجهان بہ، سڀ جيڪي ڌنار جي لٺ هيٺان ٿا لنگهن، تن جو ڏهون حصو خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 27:32
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جتي مون هي يادگار پٿر کوڙيو آهي اتي تنهنجي عبادت‌گاهہ ٿيندي ۽ جيڪي ڪجھہ تون مون کي ڏيندين تنهن جو ڏهون حصو آءٌ تو کي ڏيندس.“


هائو، جابلو علائقي جي شهرن، اولهہ وارين هيٺاهين زمينن، ڏکڻ وارن شهرن ۽ بنيامين جي علائقي ۾ توڙي يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۽ يهوداہ جي ٻين سڀني شهرن وٽ ڌنار پنهنجا ڍور پيا ڳڻيندا رهندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ اوهان کي سختيءَ سان پنهنجي ضابطي هيٺ رکندس ۽ پنهنجي عهد تي اوهان کان عمل ڪرائيندس. آءٌ نيڪن کي بدڪارن مان ائين چونڊي ڪڍندس، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ مان چونڊ ڪندو آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڏهين حصي مان ڪجھہ موٽائي وٺڻ گھري، تہ هو انهيءَ جي مقرر ڪيل قيمت ۾ انهيءَ جي پنجين حصي جيترو وڌيڪ ملائي ڏئي.


اي خداوند! پنهنجي چونڊيل قوم جي رهنمائي ڪر. اچ، اسان جو اچي ريڍار ٿيءُ. اسان جي چوڌاري سرسبز ٻنيون آهن، پر اسين ڪرمل جي جھنگ ۾ اڪيلا پيا رهون. تون اسان جي اڳواڻي ڪري اسان کي بسن ۽ جِلعاد جي علائقن ڏانهن وٺي هل. هائو، اسان کي اڳي وانگر انهن سرسبز چراگاهن ۾ رهاءِ.


خداوند هارون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”بني لاوي جيڪا خدمت مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪن ٿا، تنهن جي بدلي ۾ مون کين اهي سڀ ڏهان حصا ورثي طور ڏنا آهن جيڪي بني اسرائيل منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ