Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 27:28 - Muslim Sindhi Bible

28 انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ملڪيت مان ڪابہ شيءِ مون خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪرڻ لاءِ وقف ڪري، پوءِ اهو ماڻهو هجي توڙي جانور يا سندس موروثي ٻني هجي، تہ اها هرگز نہ وڪي وڃي، نڪي وري عيوضو ڏيئي اها ڇڏائي وڃي. اهڙي هر وقف ڪيل شيءِ مون خداوند جي لاءِ ئي مخصوص آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 انهي هوندي بہ، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ملڪيت مان ڪابہ شيءِ، خداوند جي لاءِ وقف ڪري، پوءِ اها وقف ڪيل شيءِ ماڻهو هجي توڙي جانور هجي، يا سندس ملڪيت جي ڪا ٻني هجي، تہ اها وڪامڻ ۾ نہ اچي، ۽ نڪي عيوضو ڏيئي ڇڏائي وڃي: سڀڪا وقف ڪيل شيءِ خداوند جي لاءِ تمام پاڪ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 27:28
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قوري ولد يمنہ لاوي جيڪو هيڪل جي اوڀر واري دروازي جو دربان هو سو خدا لاءِ آندل خوشيءَ جي نذرانن جو نگران بہ مقرر هو. قوري اهي نذرانا ڪاهنن ۽ لاوين ۾ سندن حصي مطابق ورهائيندو هو.


جيڪو مون هڪڙي خداوند کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود جي لاءِ قرباني ڪري، تنهن کي بلڪل تباهہ ڪيو وڃي.


سندن خوراڪ لاءِ کين اناج جي قربانين، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين مان حصو ملندو. انهيءَ کان علاوہ بني اسرائيل ۾ جيڪي بہ شيون مون لاءِ وقف ڪيون وينديون سي هنن جون ٿينديون.


انهيءَ حصي مان لاوي ڪو ٽڪرو وڪڻي نہ سگھندا، نڪي مٽا سٽا ڪري سگھندا ۽ نہ وري انهيءَ زمين کي ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري سگھندا، ڇاڪاڻ تہ اها خاص زمين مون خداوند لاءِ مخصوص هوندي.


البت هو منهنجي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ کائي سگھي ٿو، پوءِ اها خوراڪ ڪاهنن لاءِ مخصوص ٿيل هجي توڙي مون لاءِ ئي مخصوص هجي.


بلڪ ايندڙ بحاليءَ جي سال ۾ اها ٻني پاڻيهي ڇٽي ويندي ۽ مون خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪيل شيءِ وانگر اها ٻني مون خداوند لاءِ مخصوص رهندي ۽ ڪاهن جي ملڪيت ٿيندي.


پر جيڪڏهن اهو پهريتو ڦر حرام جانورن مان هجي تہ اهو ماڻهو ڪاهن جي مقرر ڪيل قيمت ۾ انهيءَ جي پنجين حصي جيتري وڌيڪ رقم ملائي ادا ڪري ۽ جانور موٽائي وٺي. جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجو جانور نہ ڇڏائي تہ پوءِ اهو مقرر ڪيل قيمت ۾ ڪنهن ٻئي کي وڪيو وڃي.


ماڻهن مان ڪوبہ اهڙيءَ طرح وقف ڪيل شخص ڇڏايو نہ وڃي، بلڪ انهيءَ کي ضرور ماريو وڃي.


بني اسرائيل جي هر ڪا شيءِ جا مون خداوند جي لاءِ وقف ڪئي ويندي سا تنهنجي ٿيندي.


پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا ابليس ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


جيڪو خداوند عيسيٰ سان پيار نہ ٿو ڪري تنهن تي لعنت هجي. اي اسان جا خداوند! اچ.


اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ خدا ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ شريعت تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي شريعت تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو صليب تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


تنهنڪري جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور قبضي ۾ ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان جي آس‌پاس وارن دشمنن کان اوهان کي آرام بخشي، تڏهن اوهين ڌرتيءَ تان عماليقين جو نالو نشان مِٽائي ڇڏجو. اها ڳالهہ اوهين وساري نہ ڇڏجو.“


اوهين بتن جي ڪابہ مڪروهہ شيءِ پنهنجي گھر ۾ نہ آڻجو، نہ تہ اوهين بہ انهن وانگر لعنتي ٿيندا. اوهين انهن کان سخت نفرت ڪجو ۽ انهن کي غلاظت ڪري ڄاڻجو، ڇاڪاڻ تہ اهي لعنتي آهن.“


يشوع انهيءَ وقت قسم کڻي خبردار ڪيو تہ ”جيڪو ماڻهو هن شهر يريحو کي وري اڏڻ جي ڪوشش ڪندو، سو خداوند جي لعنت هيٺ ايندو. جيڪو انهيءَ جو بنياد وجھندو، سو وڏي پٽ تان هٿ کڻندو. جيڪو انهيءَ جا در اڏيندو، سو ننڍڙي پٽ تان هٿ کڻندو.“


بني اسرائيل مخصوص ڪيل شين ۾ خيانت ڪئي. هائو، يهوداہ جي قبيلي مان عڪن نالي هڪ شخص، جيڪو ڪرميءَ جو پٽ، زبديءَ جو پوٽو ۽ جيڪو زارح جي گھراڻي مان هو، تنهن مخصوص شين مان ڪا شيءِ کنئي. انهيءَ ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي.


يشوع چيو تہ ”تو اسان تي هيءَ مصيبت ڇو آندي آهي؟ اڄ خداوند تو تي مصيبت آڻيندو.“ پوءِ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن هن کي ۽ سندس خاندان کي سنگسار ڪيو ۽ بعد ۾ ملڪيت سميت کين ساڙي ڇڏيائون.


اوهين هيئن ڪجو جو سڀني مردن ۽ پرڻيل عورتن کي ماري ڇڏجو پر ڪنوارين کي نہ مارجو.“


پر اسين هنن کي پنهنجيون ڌيئرون پرڻائي نہ ٿا ڏيئي سگھون، ڇاڪاڻ تہ اسان بني اسرائيل قسم کڻي چيو هو تہ ’لعنت هجي انهيءَ تي جيڪو ڪنهن بني بنيامين کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏئي.‘“


انهيءَ دوران بني اسرائيل پنهنجي هم‌قوم بني بنيامين لاءِ هر هر ڏاڍو افسوس ڪندي پئي چيو تہ ”اڄ بني اسرائيل مان هڪ قبيلو ڪٽجي ويو آهي. پر جيڪي باقي بچيا آهن هاڻي تن کي پرڻائڻ جي باري ۾ اسين ڇا ڪريون؟ اسان تہ خداوند جو قسم کنيو آهي تہ اسين پنهنجيون ڌيئرون هنن کي پرڻائي نہ ڏينداسين.“ جيئن تہ هنن پڪو قسم کڻي چيو هو تہ ”جيڪو بہ خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر نہ ٿيندو تنهن کي ضرور ماريو ويندو.“


خداوند تو کي اهو حڪم ڏيئي هن مقصد لاءِ موڪليو تہ وڃي گنهگار عماليقين کي چٽ ڪرين ۽ جيستائين اهي سڀ مري کپي نہ وڃن تيستائين ساڻن وڙهندو رهين.


سو هاڻي تون وڃي عماليقين تي حملو ڪري کين ماري ڇڏ ۽ جيڪي بہ وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر ۽ اصل نہ ڇڏين. سندن مردن، عورتن، ٻارن ۽ کير پياڪن سان گڏ سندن سڀني ڍورن ڍڳن کي قتل ڪري ڇڏ.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ