Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 27:27 - Muslim Sindhi Bible

27 پر جيڪڏهن اهو پهريتو ڦر حرام جانورن مان هجي تہ اهو ماڻهو ڪاهن جي مقرر ڪيل قيمت ۾ انهيءَ جي پنجين حصي جيتري وڌيڪ رقم ملائي ادا ڪري ۽ جانور موٽائي وٺي. جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجو جانور نہ ڇڏائي تہ پوءِ اهو مقرر ڪيل قيمت ۾ ڪنهن ٻئي کي وڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ۽ جيڪڏهن اهو جانور ناپاڪ هجي، تہ هو تنهنجي ٺهرايل انداز موجب پئسا ڏيئي انهي کي ڇڏائي، ۽ انهي جي قيمت جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي، پر جي اهو نہ ڇڏايو وڃي تہ تنهنجي انداز موجب وڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 27:27
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن هو ڪنهن اهڙي حرام جانور جي باس باسي ٿو، جنهن جي مون خداوند جي لاءِ قرباني نہ ٿي ڏيئي سگھجي، تہ پوءِ هو انهيءَ جانور کي آڻي ڪاهن وٽ پيش ڪري.


جيڪڏهن اهو ماڻهو عيوضو ڏيئي انهيءَ کي ڇڏائڻ گھري، تہ جيڪا قيمت ڪاهن مقرر ڪئي هجي، تنهن جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.


جيڪڏهن گھر کي وقف ڪرڻ وارو ماڻهو عيوضو ڏيئي انهيءَ گھر کي ڇڏائڻ گھري، تہ جيڪا قيمت ڪاهن مقرر ڪئي هجي، تنهن جي پنجين حصي جيترا پئسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اهو گھر وري سندس ٿيندو.


جانورن مان پهريون ڄاول ڦر اڳي ئي مون خداوند لاءِ وقف ڪيو ويو آهي. تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو انهيءَ کي باس طور وقف نہ ڪري، پوءِ اهو ڳائو مال هجي توڙي ريڍو يا ٻاڪرو مال. اهو مون خداوند جو آهي.


انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ملڪيت مان ڪابہ شيءِ مون خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪرڻ لاءِ وقف ڪري، پوءِ اهو ماڻهو هجي توڙي جانور يا سندس موروثي ٻني هجي، تہ اها هرگز نہ وڪي وڃي، نڪي وري عيوضو ڏيئي اها ڇڏائي وڃي. اهڙي هر وقف ڪيل شيءِ مون خداوند جي لاءِ ئي مخصوص آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڏهين حصي مان ڪجھہ موٽائي وٺڻ گھري، تہ هو انهيءَ جي مقرر ڪيل قيمت ۾ انهيءَ جي پنجين حصي جيترو وڌيڪ ملائي ڏئي.


انهيءَ مخصوص شيءِ نہ ڏيڻ جو جيڪو قصور ڪيو هجائين تنهن جو عيوض ڀري ڏئي. انهيءَ ۾ پنجون حصو ٻيو وڌائي اهو سڀ ڪاهن کي ڏئي. ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ وارو اهو گھٽو هن لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ