Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 27:26 - Muslim Sindhi Bible

26 جانورن مان پهريون ڄاول ڦر اڳي ئي مون خداوند لاءِ وقف ڪيو ويو آهي. تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو انهيءَ کي باس طور وقف نہ ڪري، پوءِ اهو ڳائو مال هجي توڙي ريڍو يا ٻاڪرو مال. اهو مون خداوند جو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 جانورن مان فقط پهريون ڄاول ٻچو، جو خداوند جي لاءِ پهريون ڦل آهي، تنهن کي ڪوبہ ماڻهو مخصوص نہ ڪري: پوءِ اهو ڍڳو هجي يا رڍ، اهو خداوند جو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 27:26
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو شام جو منهن انڌاري مهل ارامين جي خيمي‌گاهہ ڏانهن وڃڻ لاءِ اٿيا. جڏهن هو خيمي‌گاهہ وٽ پهتا تہ ڇا ڏسن تہ ڪوبہ ماڻهو اتي ڪونهي.


جيئن شريعت ۾ لکيل آهي تيئن اسين پنهنجا پهريتا پٽ، پنهنجي چوپائي مال ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ڦر پنهنجي خدا جي هيڪل ۾ خدمتگار ڪاهنن وٽ آڻينداسون.


”بني اسرائيل ۾ جيڪي پهريتا پٽ ڄمن، سي سڀ منهنجي لاءِ وقف ڪج. ماڻهن جا پهريتا پٽ توڙي جانورن جا پهريتا نر ٻچا، اهي سڀ منهنجا آهن.“


اوهين پنهنجن ڏاندن ۽ رڍن سان بہ ائين ئي ڪجو. ست ڏينهن اهو ٻچو پنهنجيءَ ماءُ سان هجي ۽ اٺين ڏينهن اهو مون کي ڏجو.


پر جيڪڏهن اهو پهريتو ڦر حرام جانورن مان هجي تہ اهو ماڻهو ڪاهن جي مقرر ڪيل قيمت ۾ انهيءَ جي پنجين حصي جيتري وڌيڪ رقم ملائي ادا ڪري ۽ جانور موٽائي وٺي. جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجو جانور نہ ڇڏائي تہ پوءِ اهو مقرر ڪيل قيمت ۾ ڪنهن ٻئي کي وڪيو وڃي.


پر ڳئون، رڍ ۽ ٻڪريءَ جي پهريتن ڦرن جو تون عيوضو نہ وٺ، اهي مخصوص آهن. اهي قربان ڪيا وڃن ۽ انهن جو رت تون قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاري ڇڏ ۽ انهن جي چرٻي قربانيءَ طور ساڙي ڇڏ تہ مون خداوند لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي.


”اوهان جي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين ۾ جيڪي پهريان نر ٻچا پيدا ٿين، سي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ وقف ڪري ڇڏجو. اوهين پنهنجي پهرئين ڄاول وهڙي کان ڪو ڪم نہ وٺجو، نڪي پنهنجي رڍن ٻڪرين مان پهرئين ڄاول ڦر جي اُن ڪترجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ