Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 27:13 - Muslim Sindhi Bible

13 جيڪڏهن اهو ماڻهو عيوضو ڏيئي انهيءَ کي ڇڏائڻ گھري، تہ جيڪا قيمت ڪاهن مقرر ڪئي هجي، تنهن جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پر جي هو عيوضو ڏيئي انهي کي ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي، تنهن جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 27:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو ڀل مان انهيءَ مخصوص قربانيءَ منجھان کائي، تہ پوءِ هو اهڙي پوري مخصوص قرباني ۽ انهيءَ جي پنجين حصي جيترو وڌيڪ انهيءَ ۾ گڏي ڪاهن کي موٽائي ڏئي.


پوءِ هو انهيءَ کي ڪنهن بہ طرح نہ بدلائي، نڪي خراب جي بدران چڱو، نہ چڱي جي بدران خراب ڏئي. پر جيڪڏهن هو هڪڙي جانور جي بدران ٻيو جانور ڏيڻ چاهي تہ پوءِ باسيل ۽ ان جي بدران ڏنل، اهي ٻئي جانور مخصوص ٿيندا.


تڏهن ڪاهن انهيءَ جي چڱي ۽ خراب هجڻ موجب انهيءَ جي قيمت مقرر ڪري. هو جيڪا بہ قيمت مقرر ڪندو اها ئي آخري قيمت هوندي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر مون خداوند جي لاءِ وقف ڪري، تہ ڪاهن انهيءَ جي چڱي يا خراب هجڻ موجب انهيءَ جي قيمت مقرر ڪري. هو جيڪا بہ قيمت مقرر ڪندو اها ئي آخري قيمت هوندي.


جيڪڏهن گھر کي وقف ڪرڻ وارو ماڻهو عيوضو ڏيئي انهيءَ گھر کي ڇڏائڻ گھري، تہ جيڪا قيمت ڪاهن مقرر ڪئي هجي، تنهن جي پنجين حصي جيترا پئسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اهو گھر وري سندس ٿيندو.


جيڪڏهن ٻني وقف ڪرڻ وارو ماڻهو عيوضو ڏيئي اها ڇڏائڻ گھري، تہ جيڪا قيمت ڪاهن مقرر ڪئي هجي، تنهن جي پنجين حصي جيترا پئسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اها ٻني وري سندس ٿيندي.


پر جيڪڏهن اهو پهريتو ڦر حرام جانورن مان هجي تہ اهو ماڻهو ڪاهن جي مقرر ڪيل قيمت ۾ انهيءَ جي پنجين حصي جيتري وڌيڪ رقم ملائي ادا ڪري ۽ جانور موٽائي وٺي. جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجو جانور نہ ڇڏائي تہ پوءِ اهو مقرر ڪيل قيمت ۾ ڪنهن ٻئي کي وڪيو وڃي.


انهيءَ مخصوص شيءِ نہ ڏيڻ جو جيڪو قصور ڪيو هجائين تنهن جو عيوض ڀري ڏئي. انهيءَ ۾ پنجون حصو ٻيو وڌائي اهو سڀ ڪاهن کي ڏئي. ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ وارو اهو گھٽو هن لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ