Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:40 - Muslim Sindhi Bible

40 پر جيڪڏهن هو پنهنجي بدڪاريءَ توڙي پنهنجن ابن ڏاڏن جي بدڪاريءَ جو اقرار ڪندا تہ جيڪا نافرماني ڪري هو منهنجي خلاف هليا آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 ۽ جڏهن هو پنهنجي بدڪاريءَ ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاريءَ جو اقرار ڪندا، ۽ قبولدار ٿيندا، تہ جيڪا منهنجي نافرماني ڪري هو منهنجي برخلاف هليا آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:40
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ تون هنن جي دعا ٻڌج. هائو، دشمنن جي انهيءَ ملڪ ۾ جتي هو قيدي آهن، اتي جڏهن هنن جي دل ڦيرو کائي ۽ هو پشيمان ٿي پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنل ملڪ، تنهنجي چونڊيل شهر ۽ تنهنجي نالي جوڙايل هن گھر ڏانهن منهن ڪري منٿ ڪري چون تہ ’اسان گناهہ ڪيو آهي، اسان غلط ڪم ڪيو آهي، اسان بڇڙائي ڪئي آهي،‘


هاڻي اوهان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا اڳيان پنهنجا گناهہ باسيو ۽ سندس مرضيءَ مطابق هلو. ملڪ جي ٻين قومن کان ۽ ڌارين زالن کان پاڻ کي الڳ ڪريو.“


اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! بيشڪ تون سچو آهين، تنهن هوندي بہ تو اسان مان ڪجھہ باقي بچايا آهن. هاڻي اسين پنهنجن گناهن سوڌو تنهنجي حضور ۾ حاضر ٿيا آهيون، توڙي جو هن حالت ۾ ڪوبہ تنهنجي حضور ۾ بيهي نہ ٿو سگھي.“


دعا گھريم تہ ”اي منهنجا خدا! آءٌ شرمندو آهيان، اي منهنجا خدا! آءٌ تو ڏانهن پنهنجو منهن کڻڻ کان لڄي ٿي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ اسان جا گناهہ وڌي اسان جي ڳاٽ کان بہ مٿي ٿي ويا آهن ۽ اسان جون خطائون وڃي آسمان سان لڳيون آهن.


تڏهن مون سوچيو تہ ”آءٌ خداوند آڏو پنهنجي سڀني گناهن جو اقرار ڪندس.“ پوءِ مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ تو کان پنهنجي ڪا بڇڙائي ڪين لڪايم. تڏهن تو منهنجي هر بڇڙائي مون کي معاف ڪري ڇڏي.


جيڪو پنهنجا گناهہ نہ ٿو باسي، سو زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪامياب نہ ٿيندو. مگر جيڪو پنهنجا گناهہ قبول ڪندي انهن کان توبهہ‌تائب ٿئي ٿو، تنهن تي خدا پنهنجو رحم نازل ڪندو.


اي خداوند! اسين پنهنجي ڪيل بڇڙائي قبول ڪريون ٿا، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاري پڻ قبول ٿا ڪريون، بيشڪ اسين تنهنجا ڏوهاري آهيون.


اي خداوند! ڏس، مون تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي، جنهن ڪري منهنجي گھرن اندر موت ئي موت، ۽ ٻاهر منهنجي ماڻهن جو قتلام ڪيو پيو وڃي. آءٌ ڪيڏي نہ تڪليف ۾ آهيان. منهنجي آنڊن ۾ وٽ ٿا پون، منهنجي دل ڏکويل آهي، ۽ آءٌ ڏاڍي پشيمان آهيان.


هائو، جڏهن اوهين انهن جا طور طريقا ۽ افعال ڏسندا تڏهن اوهان کي معلوم ٿيندو تہ مون انهن سان جيڪي ڪجھہ ڪيو آهي سو بي‌سبب نہ ڪيو اٿم. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پوءِ اوهان پنهنجي اڳئين بري هلت چلت، بڇڙائي، بدڪاري ۽ ڪراهت جهڙن ڪمن کي ياد ڪري ڏاڍو شرمسار ۽ پشيمان ٿيندا.


پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“


جيڪڏهن اوهين اڃا بہ منهنجي خلاف هلندا ۽ منهنجي فرمانبرداري نہ ڪندا، تہ آءٌ اوهان جي گناهن جي ڪري وڌيڪ ستوڻيون آفتون اوهان تي نازل ڪندس.


تہ پوءِ آءٌ خود اوهان جي خلاف ٿيندس ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن جي اڳي کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


انهن ڳالهين مان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ جڏهن کيس پنهنجي ڏوهاري هجڻ جي خبر پوي تڏهن قبول ڪري تہ ’فلاڻي ڳالهہ ۾ مون گناهہ ڪيو آهي.‘


تڏهن اهو پنهنجي ڏوهہ جو اقرار ڪري. هو پنهنجي ڏوهہ جو پورو عيوضو ڀري ڏئي ۽ انهيءَ جو پنجون حصو انهيءَ ۾ وڌيڪ ملائي اهو انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏئي جنهن جو ڏوهہ ڪيو هجيس.


هو جِلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وٽ آيا.


تڏهن يشوع عڪن کي چيو تہ ”اي پٽ! خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان ڪر ۽ سندس اڳيان قبولدار ٿيءُ. جيڪي تو ڪيو آهي سو مون کي ٻڌاءِ، اهو مون کان نہ لڪاءِ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ