Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:35 - Muslim Sindhi Bible

35 سو جيستائين اها زمين ويران رهندي تيستائين اهڙو تہ آرام وٺندي جهڙو اوهان کيس پنهنجي سبت جي ڏينهن ۾ بہ ڪونہ ڏنو هوندو، جڏهن اوهين منجھس رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 جيستائين اها ويران رهندي تيستائين آرام وٺندي، يعني اهو آرام، جو کيس اوهانجن سبتن ۾ بہ نصيب ڪونہ ٿيندو هو، جڏهن اوهين منجهس رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:35
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي قوم وارن کي آزاديءَ جي نعمت کان محروم رکندي منهنجي نافرماني ڪئي آهي، سو مون خداوند وٽ اوهان لاءِ آزاديءَ جي هيءَ نعمت آهي تہ هاڻ ڀلي اوهين جنگ، وبا ۽ ڏڪار سان وڃي منهن ڏيو. اوهان جي اهڙي حالت ٿيندي جو اوهان کي ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي.


بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچو جيڪو آءٌ اوهان کي ڏيڻ وارو آهيان، تڏهن انهيءَ ملڪ جي زمين کي بہ مون خداوند جي لاءِ سبت جو آرام ملي.


پوءِ جيستائين ملڪ ويران هوندو ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ جلاوطن ٿي رهندا، تيستائين اوهان جي زمين آرام وٺي سبت ملهائيندي.


اوهان منجھان جيڪي بچي دشمنن جي ملڪ ۾ رهندا هوندا، تن جي دلين ۾ آءٌ اهڙو تہ خوف پيدا ڪندس جو اهي پن لڏڻ جي کڙڪي تي بہ وٺي ڀاڄ کائيندا. هو ائين ڀڄندا جيئن ڪو تلوار کان ڀڄي، ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو هوندو تہ بہ هو ڪرندا ويندا.


جڏهن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ سڄي مخلوقات هن وقت تائين ويم جهڙن سورن ۾ پيئي ڪنجھي ۽ تڙپي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ