Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:32 - Muslim Sindhi Bible

32 آءٌ اوهان جي ملڪ کي اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو اوهان جا دشمن، جيڪي انهيءَ تي اچي قبضو ڪندا سي انهيءَ جي حالت ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ آءٌ ملڪ کي ويران ڪندس: ۽ جيڪي اوهان جا دشمن انهي ۾ رهندا هوندا سي انهي ڪري عجب ۾ پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:32
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت هيءَ هيڪل اهڙيءَ طرح تہ ڊاهي ويندي جو جيڪي انهيءَ وٽان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪري چوندا تہ ’خداوند هن ملڪ سان ۽ هن هيڪل سان ائين ڇو ڪيو آهي؟‘


ڏسو، خداوند ڌرتيءَ کي خالي ۽ ويران ڪرڻ وارو آهي. هو انهيءَ کي اٿلائي اونڌو ڪندو، ۽ ان جي رهاڪن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو.


آءٌ انهيءَ کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيندس، نہ انهيءَ جي ڇانگ ٿيندي ۽ نہ گُڏ ڪئي ويندي، بلڪ انهيءَ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ٿيندا. آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ مٿس مينهن نہ وسائين.“


پر قادرِمطلق خدا منهنجي ڪن ۾ قسم کڻي چيو تہ ”يقيناً گھڻا گھر ويران ٿيندا، هائو، وڏن ۽ عمدن گھرن ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.


تڏهن مون چيو تہ ”اي پروردگار! هي ڪيستائين ٿيندو رهندو؟“ هن ورندي ڏني تہ ”جيستائين شهر اجڙي وڃن، ۽ گھر ويران ٿي وڃن، ۽ منجھن ڪوبہ رهڻ وارو نہ هجي، ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿي وڃي.


ڏس، تنهنجي چونڊيل ملڪ جا شهر بيابان بڻجي ويا آهن، صيئون بہ اجڙي ويو آهي، هائو، يروشلم ويران ٿي ويو آهي.


هنن ان کي ويران ڪري ڇڏيو آهي، ويران ٿي اهو منهنجي اڳيان دانهون پيو ڪري. سڄو ملڪ بيابان بڻجي ويو آهي، پر ڪنهن کي بہ انهيءَ جي پرواهہ ڪانهي.


انهيءَ ڪري سندن ملڪ اجڙي برباد ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ هڪڙي ڦٽڪار واري شيءِ بڻيل رهندو. اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


آءٌ هن شهر کي اجاڙي ڇڏيندس ۽ ان کي ڦٽڪار واري شيءِ بڻائيندس. اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


هي سڄو ملڪ ويرانو ۽ حيرت جو سبب بڻجي ويندو ۽ هي قومون ستر سالن تائين بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون.‘


شروعات مون يروشلم شهر ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، انهيءَ جي بادشاهن ۽ عملدارن کان ڪئي، تان‌تہ اهي شهر ويران ٿي حيرت، ڪراهت ۽ لعنت جو سبب بڻجن، جيئن اهي اڄوڪي ڏينهن آهن.


جيئن ڪو شينهن پنهنجي ڏر کي ڇڏي هليو وڃي، تيئن خداوند بہ پنهنجي قوم کي ڇڏي ڏنو آهي. سو حملو ڪندڙن جي ظلم، ۽ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ سببان، هنن جو ملڪ ويران ٿي ويو آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هن ملڪ بابت چيو وڃي ٿو تہ ’اهو ويران ٿي ويو آهي، منجھس ڪوبہ انسان يا جانور ڪونهي.‘ جيتوڻيڪ يروشلم جون گھٽيون ۽ يهوداہ جا ٻيا شهر ويران آهن ۽ منجھن نہ ڪو ماڻهو آهي ۽ نہ وري ڪو جانور، تنهن هوندي بہ انهن مان هڪ دفعو وري خوشي ۽ سرهائيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. هائو، اتي گھوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ۽ انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو جيڪي منهنجي هيڪل ڏانهن شڪرگذاريءَ جا نذرانا هي ڳائيندي آڻيندا آهن تہ ’قادرِمطلق خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ڀلو آهي. سندس شفقت لافاني آهي.‘ آءٌ هن ملڪ جي خوشحالي اڳي وانگر بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


”آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جيڪا مصيبت مون يروشلم تي ۽ يهوداہ جي ٻين سڀني شهرن تي آندي آهي سا سڄي اوهان ڏٺي آهي. ڏسو، اڄ اهي شهر اهڙا ويران آهن جو ڪوبہ ماڻهو انهن ۾ نہ ٿو رهي.


هرگز نہ، بلڪ جڏهن خداوند اوهان جا بڇڙا عمل ۽ اوهان جا ڪيل ڪراهت جهڙا ڪم وڌيڪ برداشت نہ ڪري سگھيو، تڏهن اوهان جي ملڪ کي ويران ۽ عبرت وَ لعنت جو سبب بڻايائين، ايتري قدر جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”آءٌ يروشلم کي مٽيءَ جو ڍير ۽ گدڙن جي جُوءِ بڻائيندس، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن کي اهڙو تہ ويران ڪندس، جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“


غير قوم جي ڪنهن بہ بادشاهہ توڙي دنيا جي ڪنهن بہ رهاڪوءَ کي اهو يقين ئي نہ ٿي آيو، تہ ڪو حملو ڪندڙ دشمن يروشلم جا دروازا ڀڃي شهر اندر گھڙي سگھندو.


صيئون جبل ايترو تہ ويران ۽ کنڊر بڻجي ويو آهي، جو انهيءَ تي لومڙيون پيون گھمن ڦرن.


اهڙيءَ طرح جڏهن آءٌ قهر ۽ غضب وچان ۽ سخت ملامت سان باقي بچيل يروشلم وارن کي سزا ڏيندس، تڏهن انهن جي آس‌پاس واريون سڀيئي قومون ڊڄي وينديون. اهي انهن ڏانهن ڪراهت، طعني، عبرت ۽ هيبت وچان ڏسنديون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.


اي منهنجا خدا! پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ، پنهنجيون اکيون کولي اسان، يعني پنهنجي انهيءَ شهر جي رهاڪن جي بربادي ڏس، جيڪو تنهنجي نالي پٺيان ٿو سڏجي. اسين پنهنجا عرض تنهنجي وڏي رحمت جي ڪري تنهنجي حضور ۾ پيش ٿا ڪريون، انهيءَ لاءِ نہ تہ اسين ان جي لائق آهيون.


سندس بادشاهيءَ جي پهرئين سال، مون دانيال پاڪ لکتن جو مطالعو ڪندي يرمياہ نبيءَ جي ذريعي مليل خداوند جي ڪلام مان ڄاڻي ورتو تہ ”يروشلم جي ويراني ستر سالن تائين رهندي.“


جيتوڻيڪ انجير جو وڻ ٻور نہ ڪندو، نڪي انگورن جي ول ۾ ڪو انگور هوندو، جيتوڻيڪ زيتون جو فصل نہ ٿيندو، ۽ ٻنيون اناج پيدا نہ ڪنديون، جيتوڻيڪ واڙن ۾ ڌڻ نہ لڀندو، ۽ نہ وٿاڻن ۾ چوپايو مال ئي هوندو،


”جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آهي، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس تباهيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آهي.


جن جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ اوهين عبرت، پهاڪي ۽ چوڻيءَ جو سبب بڻبا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ