لاوي سرشتو 26:26 - Muslim Sindhi Bible26 آءٌ اوهان جي روزيءَ جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيندس ايتري قدر جو ڏهہ عورتون هڪڙي ئي تنور ۾ مانيون پچائي سگھنديون. اهي اوهان جي ماني اوهان کي توريتڪي ڏينديون. اوهين اهي سڀ کائي ويندا تہ بہ اوهان جو ڍءُ نہ ٿيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible26 ۽ جڏهن آءٌ اوهان جي روزيءَ کي ڀڃندس، تڏهن ڏهہ زالون هڪڙي تنور ۾ اوهان جون مانيون پچائينديون، ۽ اوهان جون مانيون اوهان کي توري ڏينديون: ۽ اوهين کائيندا پر ڍائبا ئي ڪين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اوهين پوکيو تہ گھڻو ئي ٿا پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو. اوهين کاڌو کائو تہ گھڻو ٿا پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿو ٿئي. اوهين مئي پيئو تہ گھڻي ٿا پر اوهان جي اڃ نہ ٿي لهي. اوهين ڪپڙا تہ گھڻا ئي پايو ٿا پر اوهين سرديءَ کان بچي نہ ٿا سگھو. اوهين مزدوريءَ مان ڪمايو تہ گھڻو ئي ٿا پر اها ڪمائي اوهان جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نہ ٿي ڪري سگھي.