Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:25 - Muslim Sindhi Bible

25 ٻڌل عهد کي ٽوڙڻ جي سزا ڏيڻ لاءِ آءٌ اوهان جي مٿان جنگ موڪليندس. پر جيڪڏهن اوهين بچاءَ لاءِ پنهنجن شهرن ۾ وڃي گڏ ٿيندا، تہ آءٌ اوهان منجھہ وبا موڪليندس ۽ پوءِ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 آءٌ اوهان جي مٿان ترار آڻيندس، جا ڪيل عهد جو بدلو وٺندي؛ ۽ جڏهن اوهين پنهنجن شهرن ۾ گڏ ڪيا ويندا، تڏهن آءٌ اوهان ۾ وبا موڪليندس؛ ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:25
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند صبح کان وٺي مقرر ڪيل وقت تائين بني اسرائيل تي وبا موڪلي، جنهن ۾ دان کان وٺي بيرسبع تائين ستر هزار ماڻهو مري ويا.


جڏهن تنهنجي قوم بني اسرائيل تنهنجو ڪو گناهہ ڪرڻ ڪري پنهنجي دشمنن کان شڪست کائي ۽ جيڪڏهن هو تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين ۽ تو کي مڃيندي تنهنجي هن گھر ۾ تو کان معافيءَ لاءِ دعا گھرن،


جڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پوي، يا وبا پوي، يا جھولو لڳي يا فصلن ۾ رتي پوي، ماڪڙ کائي يا جيت لڳي، يا جڏهن سندن دشمن سندن شهرن کي گھيري هيٺ آڻين، مطلب تہ ڪهڙي بہ آفت يا ڪهڙي بہ بيماري اچي پوي،


اشور جو شهنشاهہ سلمنيسر مٿس ڪاهہ ڪري آيو، هوسيع سندس آڻ مڃي ۽ هر سال کيس ڍل پهچائڻ لڳو.


جيتوڻيڪ ارامين جو لشڪر ٿورن ماڻهن جي جٿي سان آيو هو، تڏهن بہ خداوند يهوداہ وارن جي وڏي لشڪر کي انهن کان شڪست ڏياري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو. اهڙيءَ طرح يوآس بادشاهہ تي خدا جي طرفان سزا جو حڪم سچو ثابت ٿيو.


اي خداوند! اي بدلو وٺندڙ خدا! هائو، اي بڇڙن کان بدلو وٺندڙ خدا! پنهنجو جلال ڏيکار.


تڏهن هنن چيس تہ ”عبرانين جو خدا اسان کي گڏيو آهي. سو اسان کي موڪل ڏي تہ اسين ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريون. جيڪڏهن ائين نہ ڪنداسين تہ متان هو اسان ۾ وبا موڪلي يا اسان کي جنگ ۾ مارائي ڇڏي.“


پر جيڪڏهن اوهين نافرمان ۽ باغي ٿيندا، تہ پوءِ اوهان جي دشمنن جي تلوار اوهان کي ڳڙڪائي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اوهان سڀني کي ڪُٺو ويندو، جڏهن آءٌ اوهان کي ڳڻي ڳڻي تلوار جي حوالي ڪندس. انهيءَ سبب جو جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن اوهان ڪو جواب نہ ڏنو، جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان ڪو ڌيان نہ ڏنو. جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو اوهان پسند ڪيو.


آءٌ هن هنڌ اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن جا منصوبا ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي اوهان جي جاني دشمنن جي هٿان تلوار سان مارائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن کي کاڌي طور ڏيئي ڇڏيندس.


آءٌ انهن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، تان جو جيڪو ملڪ مون هنن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن مان هو مٽجي ويندا.“


بابل جا جيڪي ماڻهو ڀڄي اچي يروشلم ۾ پناهہ وٺندا سي ٻڌائيندا تہ خداوند خدا ڪيئن نہ بابلين کان پنهنجو بدلو ورتو آهي جن سندس هيڪل کي تباهہ ڪيو هو.


خداوند مادئين جي بادشاهن کي اُڀاريو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي بابل کي ناس ڪري ڇڏين. ائين خداوند پنهنجي هيڪل جي برباديءَ جو بدلو وٺندو. سو انهن جا سپهہ‌سالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڏين تہ ”تير تکا ڪريو، ڍالون کڻي سوگھيون ڪريو.


آءٌ کين اهڙين قومن منجھہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، جن کان نہ هو ۽ نہ ئي وري سندن ابا ڏاڏا واقف هئا. آءٌ سندن پٺيان لشڪر موڪليندس جيڪي تلوار سان کين ناس ڪري ڇڏيندا.“


منهنجا ماڻهو جوان توڙي پوڙها گھٽين ۾ مئا پيا آهن. هائو، تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري منهنجا جوان مرد توڙي عورتون تلوار سان قتل ڪيا ويا آهن. تو انهن جو ڪوس ڪرايو آهي، ۽ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪيو اٿيئي.


يا جيڪڏهن آءٌ انهيءَ ملڪ تي جنگ موڪليان ۽ موتمار هٿيارن سان انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي قتل ڪرائي ڇڏيان،


آءٌ اوهان کي سختيءَ سان پنهنجي ضابطي هيٺ رکندس ۽ پنهنجي عهد تي اوهان کان عمل ڪرائيندس. آءٌ نيڪن کي بدڪارن مان ائين چونڊي ڪڍندس، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ مان چونڊ ڪندو آهي.


سو اي مصر جا بادشاهہ! ياد رک، آءٌ خداوند خدا تو تي حملي لاءِ لشڪرن کي موڪليندس، جيڪي تنهنجي ماڻهن توڙي جانورن کي ماري ڇڏيندا.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ فرض ڪريو تہ آءٌ خداوند ڪنهن ملڪ تي سندن دشمن چاڙهي آڻيان، ۽ انهيءَ ملڪ وارا پاڻ منجھان ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو نگهبان مقرر ڪن.


اي يروشلم شهر! آءٌ تنهنجي رهاڪن کي مارڻ لاءِ ڏڪار ۽ جھنگلي جانور موڪليندس ۽ کين ناس ڪرڻ لاءِ تو ۾ وبا، خونريزي ۽ جنگ موڪليندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


’اي جبل ۽ ٽڪريون! اي برساتي نهرون ۽ ماٿريون! اوهين ٻڌو. آءٌ خداوند اوهان جي خلاف ٿيڻ وارو آهيان، آءٌ اوهان جي انهن سڀني جاين کي جنگ دوران ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس، جتي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪئي ٿي وڃي.


سندن شهرن تي جنگ مڙهي ويندي، ۽ سندن پوڄارين جا اڳواڻ ماريا ويندا. سندن نافرمانين جي ڪري تلوار منهنجي قوم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندي.


آءٌ اوهان کي اوهان جي ملڪ ۾ سلامتي بخشيندس ۽ اوهين بنا ڪنهن ڊپ جي، سمهي ننڊون ڪندا. آءٌ خطرناڪ جھنگلي جانورن کي ملڪ مان ختم ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ڪابہ جنگ ڪانہ ٿيندي.


مون اوهان ۾ وبا موڪلي، جهڙيءَ طرح مصر ۾ موڪلي هئم. اوهان جي جوانن کي جنگ ۾ تلوار سان قتل ڪرايم، اوهان جا گھوڙا اوهان کان کسيم، ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ ۾ لاشن جي بدبوءِ اوهان جي ناسن تائين آندم. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


وبا هن جي اڳيان اڳيان ٿي هلي ۽ موت هن جي پٺيان ٿو هلي.


آءٌ منجھن وبا موڪلي کين لاوارث ڪري ڇڏيندس. پر تو مان آءٌ هنن کان بہ هڪڙي وڏي ۽ زورآور قوم پيدا ڪندس.“


جيڪي قورح جي بغاوت سبب مري ويا هئا تن کان سواءِ وبا ۾ مرڻ وارن جو تعداد چوڏهن هزار ست سؤ هو.


سو موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ مان ڪن کي هٿيار ٻڌائي مديانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ڪريو، تہ جيئن هو مديانين کان خداوند جو وير وٺن.


وڏا وڏا زلزلا ايندا، ڪيترن ئي هنڌن تي ڏڪار ۽ وبائون پونديون. ان کان علاوہ آسمان ۾ هيبتناڪ ڳالهيون ۽ وڏيون نشانيون ڏسڻ ۾ اينديون.


خداوند تيستائين اوهان تي وبا موڪليندو رهندو، جيستائين اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ فنا نہ ڪري ڇڏيندو، جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا.


ٻاهر هو جنگين ۾ ماريا ويندا، ۽ چوديواريءَ اندر دهشت وچان مرندا، ڇا جوان ڇا ڪنواريون، ڇا کير پياڪ ڇا پوڙها. اهڙيءَ طرح آءٌ سڀني کي برباد ڪري ڇڏيندس.


هاڻ سندن مصيبت جو اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن خدا بدلو وٺي کين سزا ڏيندو. هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي جڏهن سندن پير تِرڪي پوندا، ۽ اهي هڪدم تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا.


جڏهن آءٌ پنهنجي چمڪندڙ تلوار تکي ڪندس، ۽ جڏهن پنهنجي هٿ ۾ عدالت جو ڪم کڻندس، تڏهن جيڪي منهنجا مخالف آهن تن کان آءٌ بدلو وٺندس، ۽ جيڪي مون سان ڪينو رکن ٿا تن کي آءٌ سزا ڏيندس.


تڏهن يهوداہ جا ٽي هزار ماڻهو ايتام واري ٽڪر جي غار ڏانهن ويا ۽ سمسون کي وڃي چيائون تہ ”ڇا تو کي اهو خيال ڪونہ ٿو ٿئي تہ فلستي اسان جي مٿان حاڪم آهن؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو آهي؟“ هن کين جواب ڏنو تہ ”مون هنن سان اهو ئي ڪجھہ ڪيو آهي جيڪي هنن مون سان ڪيو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ