Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:15 - Muslim Sindhi Bible

15 ۽ جيڪڏهن اوهين منهنجي قانونن کي ڇڏي ڏيندا، يا جيڪڏهن اوهان جي دل منهنجي فيصلن کان نفرت ڪندي، جنهن سبب اوهين منهنجي سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا ۽ اهڙيءَ طرح مون سان ٻڌل عهد کي ٽوڙي ڇڏيندا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ جيڪڏهن اوهين منهنجا قانون رد ڪندا، ۽ جيڪڏهن اوهان جي دل منهنجين عدالتن کي ناپسند ڪندي، جنهن ڪري اوهين منهنجن سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا، پر منهنجو عهد ڀڃندا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:15
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڳتي جنهن بہ مرد جو طهر ٿيل نہ هوندو تنهن ڄڻ منهنجو عهد ٽوڙيو آهي، سو انهيءَ کي تنهنجي نسل مان خارج ڪيو وڃي.“


هنن سندس حڪمَ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو عهد برقرار نہ رکيائون جيڪو خداوند سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو. هنن سندس تنبيهن تي بہ ڪو ڌيان نہ ڏنو، بلڪ ڪين جهڙن بتن جي پٺيان لڳي پاڻ بہ ڪين جهڙا ٿي پيا. سندن آس‌پاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، حالانڪ خداوند کين تنبيهہ ڪندو رهيو تہ انهن جهڙا ڪم نہ ڪن.


پر هنن خدا جي پيغمبرن ۽ نبين تي کل ٺٺوليون ڪيون ۽ سندس فرمان کي ڌڪاريائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ايتري تہ ڀڙڪي اُٿي، جو هو سندس سزا کان بچي نہ سگھيا.


جڏهن تہ اوهان کي منهنجي تربيت کان نفرت آهي، ۽ اوهين منهنجا حڪم پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.


هاڻي جيڪڏهن اوهين منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين سڀني قومن منجھان منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا. جيتوڻيڪ سڄي دنيا منهنجي آهي،


پوءِ هن عهدنامي وارو ڪتاب کڻي ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو. انهن چيو تہ ”جيڪي بہ خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين ۽ تابعدار رهنداسين.“


اوهان منهنجي صلاح مشورو نہ مڃيو، ۽ منهنجي تنبيهہ کي خسيس ڄاتو.


خداوند جو خوف رکو، ڇاڪاڻ تہ اها ئي سمجھہ جي شروعات آهي. جيڪي ڏاهپ ۽ سٺي تربيت حاصل ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن سي بي‌عقل آهن.


”آہ! مون نصحيت کان نفرت ڪئي ۽ فهمائش کي حقير ڄاتو.


بيشڪ ڌرتي پنهنجي رهاڪن جي ڪري پليت ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو شريعت جون حدون لنگھي ويا آهن. هنن خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪئي آهي، ۽ سندس ٻڌل دائمي عهد ٽوڙي ڇڏيو اٿائون.


هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن ڏانهن موٽي ويا آهن، جن منهنجي ڳالهين کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. اهي غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄاري بڻيا. اسرائيل ۽ يهوداہ ٻنهي ملڪن جي گھراڻن منهنجو اهو عهد ٽوڙيو آهي، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو.


اهو عهد انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو، جڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندي کين مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. هنن اهو عهد ٽوڙي ڇڏيو هو، توڙي جو آءٌ سندن مالڪ هئس.


اي دنيا وارؤ! ٻڌو، آءٌ هن قوم تي مصيبت آڻڻ وارو آهيان، جيڪا سندن تدبيرن جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن منهنجيون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو اٿن.


خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! آءٌ تو سان اهڙو ئي هلندس، جنهن جي تون لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو پنهنجي قسم کي حقير ڄاڻيندي عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.


آءٌ پنهنجي مقدس خيمي ۾ اوهان منجھہ ئي رهندس ۽ اوهان کان ڪڏهن بہ منهن نہ موڙيندس.


پر پهريائين ڪيئن بہ ڪري انهن کان اها زمين ڇڏائي ويندي، انهيءَ لاءِ تہ اها ويران رهي پنهنجي سبت جو پورو آرام وٺي. کين منهنجي حڪمن کي رد ڪرڻ ۽ منهنجي قانونن کان نفرت ڪرڻ جهڙن پنهنجن گناهن جي سزا قبول ڪرڻي پوندي.


آءٌ اوهان تي مِهر جي نظر ڪندس ۽ اوهان کي گھڻو اولاد ڏيئي وڌائيندس. آءٌ اوهان سان ٻڌل عهد پورو ڪندس.


تہ جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏيندا ۽ منهنجي نالي جي تعظيم جي پرواهہ نہ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت موڪليندس ۽ اوهان کي جيڪي فضيلتون ڏنيون اٿم، تن تي بہ لعنت وجھندس. سچ پچ تہ مون اڳي ئي انهن تي لعنت وجھي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


جيئن تہ هن مون خداوند جي فرمان کي خسيس سمجھي ڄاڻي‌واڻي منهنجو حڪم ڀڳو، سو اهو شخص ضرور خارج ڪيو ويندو. سندس گناهہ سندس ئي سر تي رهندو.“


’اوهين، جيڪي ڌڪاريو ٿا، سي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا ۽ برباد ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي زماني ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪندس، جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻڌائي تہ اوهين مٿس ڪڏهن بہ اعتبار نہ ڪندا.‘“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انساني فطرت واري سوچ خدا جي دشمن آهي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ خدا جي حڪمرانيءَ جي تابع آهي، نڪي ٿي سگھي ٿي.


خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


تنهنڪري جيڪو هيءَ تعليم رد ٿو ڪري سو ماڻهوءَ کي نہ، بلڪ خدا کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوهان کي پنهنجو پاڪ روح عطا ڪري ٿو.


اهو انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان انهيءَ ڏينهن ٻڌو، جڏهن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن هٿ جھليو هئم. اهي منهنجي انهيءَ عهد تي قائم نہ رهيا، تنهنڪري مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو.


پر جيڪڏهن اوهين خداوند جي ڳالهہ نہ مڃيندا، بلڪ خداوند جي حڪمن جي خلاف ٿيندا، تہ پوءِ خداوند اوهان جي ۽ اوهان جي بادشاهہ جي خلاف ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ