خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌايو تہ ’ياد رکو، آءٌ يروشلم شهر تي ۽ هتي جي رهاڪن تي مصيبت آڻڻ وارو آهيان. هن ڪتاب ۾ لکيل اهي سڀ لعنتون ملامتون جيڪي يهوداہ جي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيون ويون آهن سي سڀ آڻيندس.
پر هنن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو، اٽلندو هو پنهنجين بڇڙين دلين جي هوڏ تي قائم رهيا. تنهنڪري مون مٿن انهيءَ عهد جون سڀ لعنتون آنديون جنهن عهد جي تعميل ڪرڻ لاءِ مون کين حڪم ڪيو هو، پر هنن تعميل نہ ڪئي.‘“
پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نافرماني ڪندي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان بار کڻي اندر لنگھي اچڻ سان منهنجي پاڪ سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪندا، تہ پوءِ آءٌ يروشلم جي دروازن کي اهڙي باهہ ڏيئي ڇڏيندس جيڪا يروشلم جا سڀ محل ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، ۽ ڪوبہ ان باهہ کي وسائي نہ سگھندو.‘“
هنن اچي هن ملڪ تي قبضو تہ ڄمايو، پر تنهنجي فرمانبرداري نہ ڪيائون ۽ نہ وري هو تنهنجي شريعت تي هليا. جيڪي حڪم تو کين ڏنا تن مان ڪوبہ حڪم هنن بجا نہ آندو. تنهنڪري تو هي آفتون هنن تي آنديون آهن.
خبردار! انهيءَ هستيءَ جي فرمان جو انڪار نہ ڪجو جيڪو هن وقت ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل وارا، جن زمين تي ڏنل سندس فرمان جو انڪار ڪيو هو سي بچي نہ سگھيا. تہ پوءِ آسمان مان آيل سندس فرمان جو جيڪڏهن اسين انڪار ڪنداسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟
جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا جو هر سٺو واعدو پورو ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح هو اهي سڀ خراب ڳالهيون بہ اوهان تي آڻيندو جنهن جي هن ڌمڪي ڏني آهي، جيستائين هو اوهان کي هن چڱيءَ زمين تان ناس نہ ڪري ڇڏي، جيڪا هن اوهان کي ڏني آهي.
پوءِ جڏهن بہ بني اسرائيل جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ويندا هئا تڏهن خداوند جو هٿ سندن خلاف رهندو هو. سو هو ڪيترن ئي مشڪلاتن ۾ پئجي ويا، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قسم موجب انهن جي خلاف ٿيو.